بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي، 3 گرفتار

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) اي سيڪشن ٿاڻي جي مرزاپور محلي ۾بگٽي قبيلي جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙوٿي پيو جھيڙي دوران لٺين جوآزادانه استعمال ڪيو ويو جنھنجي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا اٺ ماڻھو زخمي ٿي پيا زخمين ۾ شوڪت بگٽي، اميرعلي، صديق، نصيراحمد، خيرجان، شيرعلي بگٽي ۽ ٻياشامل آھن. واقعي واري ھنڌ پوليس پھچي ٻنھي ڌرين جي زخمين کي ڪنڌڪوٽ اسپتال آندو. .جڏھن ته پوليس ٻنھي ڌرين جي فرياد تي اين سي داخل ڪندي ٽي جوابدارگرفتارڪري ورتا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو