طوفان جو رخ تبديل، شدت ۾ گهٽتائي، تيز هوا ۽ بارش شروع

طوفان جو رخ تبديل، شدت ۾ گهٽتائي، تيز هوا ۽ بارش شروع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سامونڊي طوفان جو رخ تبديل ٿي ويو آهي ۽ شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي، بپر جوائي ڪراچي جي ساحل کان پري ٿي ويو آهي پر خطرو اڃا ٽريو ناهي، ڪراچي، ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٿرپارڪر جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن ۽ بارش جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سائيڪلون خميس ڏينهن منجهند ڌاري پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندو، امڪان آهي ته ڪيٽي بندر سان ٽڪرائبو، بپر جوائي ڪيٽي بندر جي ويجهو ۽ ڪراچي کان ٿورو پري آهي.


سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته سمنڊ ڪناري شهر خالي ڪيا ويا آهن ۽ 73 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب بپر جويو گذريل 6 ڪلاڪن کان اتر اوڀر طرف وڌي رهيو آهي، سامونڊي طوفان ڪراچي جي ڏکڻ کان 310 ڪلوميٽر پري آهي، سامونڊي طوفان ڪيٽي بندر کان 240 ڪلوميٽر  ڏکڻ اولهه طرف آهي، سائيڪلون جي مرڪز ۽ پاسن ۾ هوائون 150 کان 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلن پيون، سسٽم جو مرڪز هڪ مضبوط لپيٽ ۾ آهي. سسٽم جي مرڪز جي چوڌاري 30 فوٽن تائين لهرون هلي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو