بي ڌياني سبب تاريخي ماڳ تباهه، قبرن جا پٿر چوري

بي ڌياني سبب تاريخي ماڳ تباهه، قبرن جا پٿر چوري

ملير(رپورٽ طارق جان سهتو ) ثقافت کاتي جي اربين روپيا بجيٽ هجڻ باوجود  ملير جا قديمي ماڳ تباھي ڪناري ، سنڌ جي ثقافت کاتي پاران تاريخي ورثي چوڪنڊي قبرستان تي مسلسل عوامي احتجاج باوجود ڪوبه ڌيان نه ڏنو، جنهن سبب تاريخي قبرون ڊهڻ جو سلسلو جاري آهي، سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب چوڪنڊي قبرستان تباهي جي ڪناري پهچي ويو آهي، اهڙي صورتحال سبب ساڃاهه وندن ۾ ڳڻتي واري لهر ڇانئجي وئي آهي، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ثقافتي کاتي جي ڪيترن ئي دورن ۾ ملير سميت ڪراچي جي ماڳ مڪانن، تاريخي ورثن کي بچائڻ لاءِ ڪيل اعلانن تي اڃا تائين ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، چوڪنڊي قبرستان ۾ تاريخي ورثو مسمار ٿيڻ سبب سنڌ تاريخي ورثي کان محروم ٿيندي پئي وڃي، تاريخي ماڳ جي تيزي سان ميسارجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي علائقي جي سياسي ۽ سماجي شخصيت سيد خدا ڏنو شاهه چيو ته چوڪنڊي قبرستان سنڌ جو تاريخي ورثو آهي، جنهن کي بچائڻ جي ضرورت آهي، تاريخي قومون پنهنجن تاريخي ورثن کي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪنديون آهن، تحريڪ انصاف ملير جي صدر قادر بخش ڪلمتي چيو ته چوڪنڊي قبرستان سميت ضلعي ملير توڙي ڪراچي جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڳ مڪان بچائڻ ثقافت کاتي جي ذميوارين ۾ شامل آهن، حڪومت کي گهرجي ته ثقافت کاتي کان پڇاڻو ڪري چوڪنڊي قبرستان سميت ڪراچي مان تاريخي ماڳ تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن، انهن کي بچائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، تحريڪ انصاف اڳواڻ سليم جوکيو  ٻڌايو ته چوڪنڊي قبرستان سميت مورڙي ميربحر جي ڀائرن جي قبرن کان ويندي ٻين وڏن تاريخي ورثن کي به ثقافت کاتي وساري ڇڏيو آهي. ثقافت کاتي ۾ ويٺل ڪامورا شاهي ۽ ٻيا ماڻهو ڪراچي جي ماڳ مڪانن تان مڪمل طور تي هٿ کڻي چڪا آهن. جنهن سبب تاريخي نشانيون ميسارجي رهيون آهن. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي جي ميمبر مجاهد جوکيو ٻڌايو ته چوڪنڊي قبرستان اسان جي وڏڙن جو قبرستان آهي جتي جوکيا برادري جي سردارن سميت ٻين برادرين جون صدين کان قبرون موجود آهن. ان تي به قبضا مافيا توڙي پٿر چورن جي نظر آهي. ثقافت کاتي عملي طور تي چوڪنڊي قبرستان جهڙي قديم قبرستان بچائڻ لاءِ به اپاءَ ناهن ورتا. ڪراچي ۾ سوين اهڙا ثقافتي نشان موجود آهن جن کان کاتو مڪمل طور تي لاپرواهه بڻيل آهي. هن چيو ته ثقافت کاتي ڪروڙين رپيا ڪانفرنس ۽ ميلن تي ضايع ڪيا پر اڄ ڏينهن تائين هڪ رپيو به ڪراچي جي ماڳن تي خرچ نه ڪيو، ثقافت کاتي ۾ ويٺل وزيرن ۽ ڪامورن تي افسوس ڪري سگهجي ٿو جن ڪراچي کي اڃا پنهنجو ئي ناهي ڪيو، اسان ڪراچي جا ماڳ مڪان بچائڻ لاءِ تاريخي طور ڪم ڪنداسين جدوجهد ڪنداسين ڪلچر کاتو ڪرپشن ختم ڪري چوڪنڊي جي سار لهي ناليواري سماجي اڳواڻ يونس خاصخيلي چيو ته ڪلچر کاتو صرف ڪرپشن ڪرڻ ۾ ماهر آهي ڪم کان هنن کي ٻرو آهي ان ڪري هر سال ڪلچر کاتي جي آڊٽ ٿيڻ گهرجي اسان ماڳن جي تباهي تي خاموشن نه ويهنداسين 12 سالن کان سنڌ ۾ پ پ آهي ٻڌايو وڃي ته چوڪنڊي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڇو نه ڪيو ۽ اهي اربين رپيا ڪاڏي هليا ويا آهن ان ڪري هڪدم هاڻي اسان جا قومي ، قديمي ورثا بچايا وڃن ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو