ليکڪ ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
جيتوڻيڪ هن وقت وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ لاءِ مخالف ڌر پاران رات ڏينهن پارليامينٽرينز توڙي اتحادين کي پنهنجو ڪرڻ سان گڏوگڏ مخالف ڌر پاران پنهنجو حدف پورو ڪرڻ لاءِ اسلام آباد کان ڪراچي تائين ڊڪ ڊوڙ جو سلسلو ڏينهون ڏينهن عروج تي پهچندو پيو وڃي. آئون سمجهان ٿو ته هن ڀيري بي اعتمادي رٿ يا وري حڪومتي ڌر پاران ان کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ٻنهي ڌڙن پاران جيڪا مهم هلائي پئي وڃي، اُهي گروپ ۽ اتحاد جيڪي يقينن ايتري تعداد ۾ ووٽن جي طاقت ته هرگز ڪونه ٿا رکن پر وقت جي تقاضا موجب انهن ق ليگ ۽ متحده قومي موومينٽ ۽ ٻين پاران ٻنهي ڌڙن يعني حڪومتي ڌر ۽ مخالف ڌر کي خوب پنهنجي طرف متوجهه ڪري پنهنجون خواهشون پوريون ڪرڻ ۾ رُڌل آهن. سڄي ملڪ ۾ اڄ ٻڙڌڪ متل آهي. گڏوگڏ سياسي پاور شو به ڏيکارڻ ۾ ٻنهي طرفن کان مقابلو چوٽ چڙهندو پيو وڃي، وزيراعظم عمران خان جيتوڻيڪ هن وقت تائين هيڏي وڏي عهدي تي فائز رهڻ کانپوءِ ملڪ جي وڏن وڏن شهرن ۾ مسلسل جلسا ڪري، اِها ڳالهه يقينن سمجهه کان ٻاهر آهي ته هو عوام کي ڏانهن ڪهڙو پيغام ڏئي رهيو آهي. هڪڙي تقرير ۾ هن وڏي حوصلي ۽ اعتماد سان چيو ته مان ايندڙ ٻن سالن يعني مُدو پورو ڪرڻ تائين اهڙو ڪجهه ڪندس جيڪو ماضي جي حڪمرانن 70 سالن ۾ نه ڪيو آهي. مختلف هنڌن تي ملڪ جي وزيراعظم جيڪي به تقريرون ڪيون آهن، تن ۾ سواءِ کوکلين دعوائن جي باقي اُهي ٻٽاڪون هنيون پئي ويون، جيڪي ڳالهيون اڄ کان ڪجهه سال پهريان ان وقت عمران خان ڊي چوڪ اسلام آباد تي ڪيون هيون.
ملڪ اندر هڪ ٻيو تاثر به آهي ته مخالف ڌر اُهو ڪهڙي به روپ ۾ هجي سو ته متاثرن وانگر روڊن تي اچي احتجاج ڪري سگهي ٿو ۽ يقينن تنهن کي ته قانوني ۽ آئيني حق حاصل آهي پر ساڳئي وقت حزب اقتدار ۾ رهندڙن جو احتجاج ته سمجهه کان ٻاهر آهي ۽ اڄ جتي بي اعتمادي رٿ لاءِ مخالف ڌر يا ان جا اتحادي حقيقي معنيٰ ۾ ته انهن کي سرگرم ٿي روڊن تي اچڻو هو پر ملڪي تاريخ ۾ اهو به پهريون دفعو ڏک رسائيندڙ لمحو سامهون درپيش آهي، جتي مخالف ڌر کان وڌيڪ ڪرسين تي فائز حذب اقتدار هزارين ماڻهن کي گڏ ڪري ڪڏهن لوئر دير ته ڪڏهن وري سوات جي ميدانن تي جلسا سجائي خوب اُها ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي، جنهن ٻولي تي اڄ پوري ملڪ جي عوام مايوسي ۾ ورتل آهي ته اسين ڪهڙي طرف رُخ ڪري وڃي رهيا آهيون، جنهن ملڪ جي وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن جي اهڙي گفتار هجي ٿي، جنهن تي اڄ عالمي ادارا به آڱريون کڻي رهيا آهن، سياست ۾ کٽڻ يا هارائڻ، ڪاميابي يا ناڪامي سندن پنهنجي ڪيل ڪردار، خدمت ۽ قرباني جو نتيجو هوندو آهي. ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي اڄ ملڪ جي عوام خبر ناهي ته ڇو ياد ڪندي لڙڪ لاڙي ٿي، ايستائين جو گذريل ڏينهن هڪ عام جلسي ۾ حاضر وزيراعظم عمران خان به سندن گيت ڳائڻ لڳو، اُن مان اِهو ثابت آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون اُهي ڪيل خدمتون سندن اسان کان هرگز وِسرڻ جهڙيون ناهن، اهڙي ريت هن ملڪ جي صدارتي ڪرسي تي ته پرويز مشرف به رهيو پر اڄ سوڌو اُن جي نالي پٺيان ته ڪنهن چَپ به ڪونه چوريا آهن. تنهن ڪري هر لفظ استعمال ڪرڻ پٺيان سندن جاءِ ۽ وقت جو تعين ڏٺو ويندو آهي. ملڪ جي عوام اڄ جتي ٻين مصيبتن کي منهن ڏيڻ سان گڏ اڄوڪي حالتن تي سخت مايوسي جو شڪار آهي، جتي هڪ طرف هن ملڪ جي عوام جي مقدرن جا فيصلا ڪندڙ جيڪي انتهائي نازيبه ٻولي تي لهي هڪ ٻئي خلاف گارگند تائين وڃي پهتا آهن، ٻئي طرف پيش ايندڙ روزمره جون تڪليفون جن بابت ته اڄ حزب اقتدار يا مخالف ڌڙن جي نظر ئي نٿي وڃي ته حالتون سندن ڪهڙي طرف وڃي رهيون آهن، بس سڀ ڪنهن کي صرف اقتداري ڪُرسي جي لالچ لڳي پئي آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي تازو ڪراچي کان اسلام آباد تائين ڪروڙين روپيا خرچ ڪري لانگ مارچ ڪري پُهتي، ساڳئي وقت پي ٽي آءِ جيڪا وفاق سميت ٽن صوبن جي حڪومتي طاقت رکي ٿي، گهوٽڪي کان ڪراچي تائين شاهه محمود قريشي جي اڳواڻي ۾ ساڳيا گيت ڳائي لکين روپيا خرچ ڪري عوام کي بيوقوف بڻائي ساڳئي پير واپس اسلام طرف عمران خان ڏانهن پيغام پهچايو ويو ته سنڌ جي عوام کي پنهنجو ڪري آيا آهيون. ڇوته سڄي ملڪ مان صرف سنڌ جي عوام ئي انهن کي قرباني جو ٻڪرو نظر آيو. اڄ به جڏهن اسين مجموعي لانگ مارچ، جلسن جلوسن ۾ نظر ڦيرائينداسون ته سڀني سياسي پارٽين اندر پهرين صف ۾ پاڻ کي سنڌ جا ماڻهو عاجز ڌامراهه يا راشد محمود سومرو جي شڪل ۾ نظر ايندا، خير هي هڪ ٻيو اِشو آهي، جنهن ڏانهن وڃڻ آئون نٿو چاهيان، ڇو ته هر ڪنهن جو هڪ سياسي سفر ۽ قرباني ڏيڻ جو به وقت هوندو آهي، باقي اڄ ملڪ اندر جيڪا مجموعي سياسي صورتحال گرما گرمي، هڪ ٻئي خلاف ڏند چڪ، گارگند، الزام تراشي ٿي رهي آهي. منهنجي خيال موجب اڄ جو عوام انهي سڀني سياسي ليڊرن کي سڃاڻي چُڪو آهي، صرف ضرورت اِها آهي ته ڪنهن انقلابي شڪل جي مداخلت جو هجڻ وقت جي اهم گهرج آهي، باقي اڄوڪي وفاقي حڪومت گذريل ٽن سالن ۾ هن ملڪ اندر ڪهڙي ڀينگ ڪرائي ۽ سندن جو چوڻ آهي ته اڃان وڌيڪ ٻه سال ڏنا وڃن ته اوهان سان اڃا وڌيڪ اهڙو حشر ڪندس جيڪو 70 سالن ۾ ڪنهن به نه ڪيو. گڏوگڏ ملڪ جي ٻين صوبن پنجاب، بلوچستان توڙي جو سنڌ صوبي جي عوامي صورتحال جو جائزو وٺجي ته گذريل ٽن سالن جي بدتر دور ۾ جيڪي تڪليف ڏيندڙ گهڙيون عوام مٿان گذريون آهن، تن جو مثال تاريخ جي ڪتابن مان به نٿو ملي سگهي.
ملڪ اندر جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهي ته شروعاتي طور فصلن اندر ماڪڙ متيون ئي منجهائي ڇڏيون، سا ماڪڙ چيو پئي ويو ته انڊيا سميت ٻين ملڪ مان اچي پهتي آهي، جن شروعاتي طور ساريالي فصل، وونئڻن، ڪمند ۽ ٻين پوکيل فصلن تي ڏيڍ کان ٻن سالن تائين حملا ڪري غريب ۽ مسڪين هارين جي ٻچن جو گذر سفر ئي تنگ ڪري ڇڏيو، تنهن نقصان جو ازالو اڄ تائين نه وفاقي حڪومت ڪيو ۽ نه وري ڪنهن صوبائي حڪومت ڪا زحمت ڪئي. اڃان ماڪڙ فصلن مان نڪتي به ڪونه هئي ته مٿان سال 2019ع جي آخر ۾ فصلن کانپوءِ ماڻهن مٿان قاتل ڪورونا وائرس جا حملا شروع ٿي ويا، شروعاتي طور تي ته خود ملڪ جو وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبر ئي ڪورونا وائرس بابت مذاق اُڏائي رهيا هئا. پر آئون هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه کي خراج تحسين پيش ڪندس، جنهن سنڌ سميت سڄي ملڪ جي عوام گڏوگڏ حزب اقتدار وارن جون ننڊون ڦٽايون ته سندن ڪجهه حالتون بهتر رستي تي آيون، پاڻ سڀني کي ياد هوندو ته سال 2020ع جي 10 مارچ تي پوري ملڪ اندر سخت لاڪ ڊائون لڳو، جيڪو غالباً سال 2021ع تائين وقفي وقفي سان جاري رهيو، انهي لاڪ ڊائون دوران ملڪ اندر ڇا وهيو واپرايو، تن حالتن کان اڄ سوڌو سڀ ڪوئي واقف آهي. ايستائين انهي لاڪ ڊائون هن ملڪ جي عوام کي پنهنجا ٻچا کپائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. لاڪ ڊائون دوران هن ملڪ جي عوام مٿان جيڪا مهانگائي قسمت ۾ اچي وئي، تنهن بدتر حالتن جو مثال دنيا جي ڪنهن به ملڪ مان نٿو ملي سگهي، جتي ٽن سالن اندر هڪڙي شيءِ جيڪا هڪ روپئي ۾ ملندي هئي سا اڄ پنج روپين ۾ ملڻ به مشڪل آهي. آئون سمجهان ٿو ته اهڙي تاريخي بدترين مهانگائي جيڪا گذريل ٽن سالن جي دور مان گذري رهي آهي يا جيڪي مصيبتون، تڪليفون يقينن انهي مديني جي رياست جي دعويدارن جي دور مان گذريون آهن، سي ته ڪنهن تاريخ مان به ملڻ مشڪل آهن. اڄ اهڙي پيش ايندڙ بدتر صورتحال کانپوءِ جتي خود حڪومت کي پاڻمرادو استعيفيٰ ڏئي گهر وڃڻ گهربو هو پر تنهن باوجود به وقت جو وزيراعظم جنهن خلاف آيل خبرن ۽ صورتحال کانپوءِ ظاهري طور مخالف ڌر جڏهن رستا تنگ ڪري ڇڏيا آهن، اهڙي صورتحال کانپوءِ جتي مخالف ڌر کي ئي روڊن تي ائين اچڻ گهربو هو جيئن اڄ حزب اقتدار سندن رستا سوڙها ٿيڻ کانپوءِ ڪڏهن ملڪ جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ جلسا پيا ڪيا وڃن ته ڪڏهن وري ڪهڙي طرف کان گارگند اچي ٿي. اِن عملن مان ثابت ٿي چُڪو آهي ته حزب اقتدار يقينن پنهنجي بي اعتمادي رٿ ۾ ناڪامي ڏسڻ کانپوءِ عوامي امنگن خاطر ڪم ڪرڻ بدران هاڻ رڳو ڪوڙيون صفايون ڏنيون پيون وڃن. تازي آيل خبرن موجب مخالف ڌرين پاران جڏهن پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان پاران 23 مارچ تي پوري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اسلام آباد ۾ ڪارڪن گهرائي تاريخي پاور شو جو اعلان ڪندي ٻين مخالف ڌر جي پارٽين جي ڪارڪنن سميت دعوت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ته ساڳئي وقت حڪمران ڌُر يعني پي ٽي آءِ طرفان به 27 مارچ تي يعني بي اعتمادي رٿ کان پهريان اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي 10 لک ماڻهن کي گهرائڻ جي دعويٰ ڪندي هڪ يادگار پاور شو ڏيکارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اِهو به چيو پيو وڃي ته بي اعتمادي رٿ لاءِ اڃا تائين ڪا باضابطه تاريخ ته ڪونه ڏني وئي آهي پر ذريعن جو چوڻ آهي ته بي اعتمادي رٿ لاءِ 28 مارچ متوقع تاريخ ليکي پئي وڃي. اِن لاءِ هڪ طرف حڪمران ڌر پاران پنهنجن اتحادين کي سبز خواب ڏيکاري ووٽ وٺڻ لاءِ اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي، ساڳئي وقت روزانو جي بنياد تي وڏا وڏا جلسا عام ڪيا پيا وڃن ۽ مخالف ڌر مٿان هارس ٽريڊنگ ۽ وغيره وغيره جا الزام گڏوگڏ غير ضروري الزام تراشين جي به هڻ مار لڳي پئي آهي. ساڻن اهڙي ڏکئي گهڙي جتي پارليامينٽرين کان علاوه هر پاڪستاني اڄوڪي صورتحال کي ڏسي سخت خوف ۽ مايوسي واري ڪيفيت مان گذري رهيو آهي، اُتي اڄ حزب اقتدار کي حالتن مٿان نظر رکندي جيڪو ذميواري وارو ڪم ڪرڻو هو، ان ان جي ابتڙ ڪري حالتون هٿ وٺي خراب ڪيون پيون وڃن.
مون اُن وقت به پنهنجي ڪالم ۾ اِهو واضح ڪيو هو ته جڏهن هڪ طرف مخالف ڌر پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي مان لانگ مارچ جو سڏ ڏنو ته ساڳئي ڏينهن حڪمران ڌر به جلد بازي ۾ اِهو فيصلو ڪيو ته هو به تحفظ سنڌ مارچ جي نالي سان مارچ شروع ڪندا ڪندا، يقينن اهڙي صورتحال دوران جڏهن ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن هڪ ٻئي خلاف روڊن تي هُئا ته ڪنهن به هنڌ ٽڪراءُ واري صورتحال جا خدشا هئا، پر تنهن ڏينهن دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت دانشمندي جو مظاهرو ڪندي ۽ لانگ مارچ کي ڪنهن ٽڪراءُ کان بچائيندي احتياطي رستا اختيار ڪيا ۽ سندن پنهنجي منزل مقصد طرف ڪامياب ٿيا، پاڻ سڀني اِهو به ڏٺو ته انهي ڏينهن دوران ڪجهه هنڌن تي ٻنهي ڌرين جي ڪارڪنن هڪ ٻئي مٿان ڏند چڪ ته ڪئي پر وڏي حادثي کان قدرتي طور بچيو ويو. هن وقت به جڏهن گادي واري شهر ۾ جتي ٻي طرح طرح جي گرما گرمي لڳي پئي آهي، اُتي خود حڪمران ڌر طرفان سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ڪرائي پئي وڃي. جتي هن وقت جيڪڏهن جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جيڪو هونئن به وزيراعظم جي مسلسل ڪيل تقريرن کانپوءِ پنهنجن جذباتي ڪارڪنن سميت باهه ۾ تپيل نظر اچي رهيو آهي ته سندن پاران 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ پوري ملڪ مان ڪارڪنن کي سڏائي جلسه عام ڪيو پيو وڃي ۽ اها واضح خبر اڄ تائين نه پئجي سگهي آهي ته جي يو آءِ جي 23 مارچ واري جلسي کانپوءِ پوري ملڪ مان آيل قافلا واپس ورندا يا اسلام آباد اندر بي اعتمادي رٿ جو نتيجو اچڻ تائين ترسندا، بهرحال اڄ جڏهن جي يو آءِ پاران اهڙي جلسي عام جي ڪال ڏني وئي آهي ته اُتي حڪمران ڌر وقت ۽ حالتن کي سامهون رکندي 27 مارچ وارو جلسو ملتوي ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڇو ته ممڪن آهي جي يو آءِ جا هزارين ڪارڪن بي اعتمادي رٿ تائين اسلام آباد اندر ترسيل هُجن، ڪٿي ائين نه ٿئي جو حڪمران ڌر ۽ مخالف ڌر اهڙا پاور شو ڏيکاري هن پاڪستاني عوام کي ڪنهن رتوڇاڻ واري ڪيفيت تائين پهچائي، پوءِ حالتون ته ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ نه اچي سگهنديون.
advocateubedullah@gmail.com










