بيواهه کي قسط وٺي ڏيڻ بهاني زمين جو کاتو تبديل

بيواهه کي قسط وٺي ڏيڻ بهاني زمين جو کاتو تبديل

اسلام ڪوٽ (رپورٽ صادق بجير )ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ گوڙي جي رهواسڻ بيواه پيرسن عورت اڻندو ڀيل  پنهنجي ڏوهٽي گڻيس سان گڏ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي سروي ٻني جنهن تي آئون گذارو ڪندي هئس ڪجھ مهينا اڳ منهنجي هڪ رشتيدار لونگجي ولد کنگار جيڪو پوليس اهلڪار آهي تنهن مون کي چيو ته مٺي ۾ تنهنجا احساس ڪفالت جا 12 هزار آيا آهن هل ته توکي وٺي ڏيان هن دوکو ڪري مٺي ۾  مون کان ڪوڙيون صحيحو وٺي منهنجي ٻني پنهنجي نالي رجسٽري ڪرائي ڇڏي تازو برساتن بعد هن ٻنيء ۾ پوکائي شروع ڪئي تڏهن مون ڳوٺ جي ماڻهن کي دانهن ڏني جنهن تي ماڻهن کي هو چوي ٿو ته مون ٻني پيسن تي ورتي آهي جڏهن ته نه مون ٻني وڪرو ڪئي آهي ۽ نه ئي مون کي پيسا مليا آهن مون بيواه سان دوکو ڪيو ويو آهي منهنجو ڪوبه وارث نه هو صرف هڪ ڌيء هئي جيڪا شادي ڪرائي ڇڏي هي ڏوهٽو گهرايو آهي جنهن کي ٻني تي موڪليو ته هو ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي ۽ ٻني مان تيار ٿيل ٻاجهر جا سنگ به ڪٽي پنهنجي ٻي ٻنيء ۾ رکي رهيو آهي هن روينيو جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته منهنجي ٻنيء مون کي واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو