ميرپورماٿيلو ( رپورٽ ظھير وسير )گروپ انشورنس جا پئسا ۽ بينوولينٽ فنڊ نه ملڻ خلاف تعليم کاتي، ڊاڪٽرن ۽ صحت کاتي ۽ آبپاشي کاتي جي ريٽائر ملازمن توڙي آن سروس ملازمن گھوٽڪي ضلعي جي ھيڊڪوارٽر شھر ميرپورماٿيلو ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري مھراڻ ڪلب آڏو ريلي ڪڍي سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي استاد خان محمد نائچ، استاد عبدالوھاب وسير، ظفرالله وسير اللہ ڏنو وسير، محمد الياس بوزدار، فضل احمد ڀٽو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ ھاء ڪورٽ جي حڪم باوجود ڪيترو عرصو گذرڻ بعد به اسان کي گروپ انشورنس جا پئيسا نه ڏنا ويا آھن ۽ اسان جا پنھنجا جمع ٿيل بينوئل فنڊز به جاري نه پيا ڪيا وڃن.










