بنگلاديش ۾ ڪرفيو لاڳو، وڳوڙين کي گولي هڻڻ جو حڪم

بنگلاديش ۾ ڪرفيو لاڳو، وڳوڙين کي گولي هڻڻ جو حڪم

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ حالتون خراب ٿيڻ ۽ پوليس هٿان معاملو نڪري وڃڻ بعد حڪومت فوج طلب ڪندي ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. حڪومت وڳوڙين کي ڏسندي ئي گولي هڻن جو حڪم ڏنو آهي. پرڏيهه کان ڪالز به بند آهن، انٽرنيٽ، موبائيل فون ۽ ايس ايم ايس سروسز معطل آهن، ڪيتريون اخبارون، ويب سائيٽون ۽ ٽي وي چينلز آف ايئر آهن. اڪثر شهرن ۾ فوجي گشت ڪري رهيا آهن. نوجوان مظاهرين جون ڇنڇر تي به پوليس سان جهڙپون جاري رهيون ۽ مظاهرين جي وائرل ويڊيو م ڏسي سگهجي ٿو ته ڪجهه نوجوان رت ۾ لت پت پيا آهن ۽ مظاهرين هڪ پوليس موبائيل تي حملو ڪري عملي کي ڏنڊا هڻي رتو رت ڪري ڇڏيو آهي. ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاج چنڇر تي به جاري رهيو ۽ پرتشدد جهڙپن ۾ وڌيڪ ماڻهن جي مرڻ جا اطلاع آهن. اي ايف پي موجب پنج ڏينهن کان جاري پرتشدد احتجاج ۾ مري ويلن جو انگ 123 ٿي ويو آهي. لڳاتار چوٿون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم حسينا واجد ملڪ ۾ تعليمي ادارا بند ڪندي آچر ۽ سومر تي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي. بنگلاديش ۾ ٿيل چونڊن جو اپوزيشن بائيڪاٽ ڪيو هو. ملڪ ۾ نوجوانن ۾ بيروزگاري وڌي وئي آهي. ڪجهه مهينا اڳ گارمينٽ ورڪرز به پگهارون وڌائن لاءِ سراپا احتجاج هئا. بنگلاديش جي سرڪاري ملازمتن ۾ 56 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪيل آهي، جن ۾ 30 سيڪڙو نوڪريون 1971 جي آزادي جي جنگ وڙهندڙن جي اولاد لاءِ مختص آهن، 10 سيڪڙو عورتن ۽ 10 سيڪڙو مخصوص علائقن جي پٺتي پيل ضلعن جي ماڻهن لاءِ مقرر آهن. 2018 ۾ فريڊم فائيٽرز جي 30 سيڪڙو ڪوٽا ختم ڪئي وئي هئي ته ان وقت به ملڪ ۾ احتجاج ٿيو هو. عدالت گذريل مهيني اها ڪوٽا بحال ڪئي ته وري احتجاج شروع ٿي ويا آهن. ڪوٽا سسٽم جي مخالفن کي وزيراعظم حسينا واجد ’رضا ڪار‘ قرار ڏنو ته نوجوان وڌيڪ مڇرجي پيا. ياد رهي ته بنگلاديش م رضا ڪار جو اصطلاح انهن بهارين لاءِ استعمال ٿيندو آهي جن 1971 جي جنگ ۾ پاڪستاني فوج جي مدد ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو