بنگلاديش ۾ نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم وارو هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل

بنگلاديش ۾ نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم وارو هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽائن تي هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل روڪي ڇڏيو آهي.مقامي ميڊيا موجب بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ ۾ ڪوٽا سسٽم جي بحالي خلاف ٻڌڻي ۾ عدالت سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم تي هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.ياد رهي ته گذريل مهيني هاءِ ڪورٽ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم کي بحال ڪيو هو. ٻئي طرف بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين جي ڪوٽا سسٽم جي خلاف احتجاج ۽ پرتشدد مظاهرن کي روڪڻ جي لاءِ ڪرفيو ۾ اڄ ٻنپهرن تائين واڌ ڪئي وئي آهي.خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ڍاڪا جي روڊن تي سيڪيورٽي اهلڪارن جو گشت جاري آهي پرتشدد مظاهرن ۾ 133 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. فوت ٿيلن ۾ 2 پوليس اهلڪار به شامل آهن جڏهن ته 150 پوليس اهلڪار زخمي به ٿيا آهن. حڪومت جي هدايت تي انٽرنيٽ، ٽيڪسٽ ميسيج ۽ اوورسيز ڪال سروس خميس تائين معطل آهي، تعليمي ادارا ۽ آفيسون به بند آهن.بنگلاديش ۾ 1971ع جي جنگ وڙهندڙ ٻارن کي سرڪاري نوڪرين ۾ 30 سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ جي خلاف گذريل ڪيترن ڏينهن کان شاگردن جو احتجاج جاري آهي ۽ ڪوٽا سسٽم مخالف شاگردن جي پوليس ۽ حڪمران پارٽي عوامي ليگ جي شاگرد ونگ سان چڪريون پڻ ٿي رهيون آهن. بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين جو 56 سيڪڙو حصو ڪوٽا ۾ هليو ويندو آهي جنهن مان 30 سيڪڙو سرڪاري نوڪريون 1971ع جي جنگ وڙهندڙ جي ٻارن، 10 سيڪڙو عورتن ۽ 10 سيڪڙو مخصوص ضلعن جي رهواسين لاءِ مقرر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو