اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خيبرپختونخواهه جي علائقي بنون ۾ سڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته سڪيورٽي فورسز گذريل رات دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڳجهي ڪارروائي ڪئي. آپريشن دوران فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد سڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ سرگرم هئا ۽ بيگناهه شهرين کي قتل ڪندا هئا. دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.










