بنا اجازت جي ڇاپو ايف آءِ اي آفيسر  مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

بنا اجازت جي ڇاپو ايف آءِ اي آفيسر مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بنا اجازت ڇاپو هڻندڙ وفاقي جاچ ايجنسي جي جاچ آفيسر تي ڪيس جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جعلي سون رکرائي نجي بئنڪ مان 55 ڪروڙ رپيا قرض وٺڻ جي معاملي ۾ ايف آءِ اي جي ڇاپي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. مرڪزي عورت جوابدار جي ماءُ جي گهر تي ڇاپو هڻڻ ايف اءِ اي جي جاچ آفيسر کي مهانگو پئجي ويو، ٻڌڻي دوران عدالت بنا اجازت ڇاپو هڻندڙ جاچ آفيسر اسفند يار تي ڪيس جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ڊي جي ايف آءِ اي کي جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي چيو ته ڇا ملڪ ۾ بادشاهت آهي جو جيڪو وڻيوَ ڪندا وتو؟ ڇا ملڪ ۾ عدالتون بند ٿي ويون آهن؟ ڪم ڇڏي ڏنو آهي؟ ڇا گهر ۾ دَر نه هو جو ڀِت ٽپي گهڙڻو پيو، ڪنهن جڊيشل مئجسٽريٽ کي گڏ وٺي ويئو؟ عدالت چيو ته ڪنهن جي خلاف جاچ جو اهو مطلب ناهي ته قانون ٽوڙيو وڃي، ڪنهن جي گهر ۾ بنا اجازت گهڙڻ سراسر بدنيتي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو