اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مائڪروسافٽ جو باني بل گيٽس پاڪستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو آهي. ذريعن موجب بل گيٽس پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بل گيٽس ڪورونا ۾ چيڪ شهزاد جي اسپتال جو به دورو ڪيو، بل گيٽس اين سي او سي هيڊ ڪوارٽر جو به دورو ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بل گيٽس کي پاڪستان ۾ ڪورونا ۽ پوليو جي روڪٿام بابت قدمن تي بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن موجب مائڪروسافٽ جو باني بل گيٽس اڄ شام واپس ايندو.










