ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بلوچ ڪالوني پل وٽ آئل ٽينڪر ڪار کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته تيل روڊ تي وهڻ سبب ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي.اختيارين موجب حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ 3 ڪلاڪن کانپوءِ آئل ٽينڪر کي ڪرين جي مدد سان ٻاهر ڪڍيو ويو، جڏهن ته ڪار ۾ موجود شخص جو لاش هٿ ڪيو ويو. پڻ ڪڍيو ويو.اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثو ٽينڪر جي انجڻ ڌار ٿيڻ سبب پيش آيو، ٽينڪر ۾ گاسليٽ موجود آهي، آئل خالي ڪرڻ کانسواءِ ٽينڪر کي هلايو ويو ته حادثي جو خدشو آهي، حادثي کانپوءِ ٽينڪر مان تيل لڪندو رهيو. جنهن سبب بلوچ ڪالوني پل جي ٻنهي رستن جو وهڪرو بند ٿي ويو آهي.ٽريفڪ پوليس موجب بلوچ ڪالوني پل جي بندش سبب مختلف شاهراهن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي رهي آهي، شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ جي روانگي سست آهي، جڏهن ته شاهراهه قائدين ۽ ڪورنگي روڊ تي به ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي آهي.ٽريفڪ پوليس موجب ٽريفڪ جي روانگي برقرار رکڻ لاءِ متبادل رستا فراهم ڪيا ويا آهن، ڪورنگي کان ايندڙ ٽريفڪ کي اختر ڪالوني طرف موڙيو ويو آهي ۽ گودام چورنگي کان ڄام صادق پل ڏانهن ايندڙ ٽريفڪ کي واپس موڪليو ويو آهي.ان کان علاوه ٽريفڪ کي بوهري ڪوٽ شهيد ملت روڊ کان شاهراهه فيصل تائين، بلوچ برج ريمپ کان ڪورنگي ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ کي ايف ٽي سي ڏانهن موڙيو پيو وڃي.










