بلوچستان ۾ پوليو وائرس جي تصديق، انگ وڌي 9 ٿي ويو

بلوچستان ۾ پوليو وائرس جي تصديق، انگ وڌي 9 ٿي ويو

زوب (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ پوليو جي ڪيسن جو انگ 9 ٿي ويو آهي.زوب جي يونين ڪائونسل حسن زئي شهر 2 جي هڪ اڍائي ورهين جي ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي ڪوآرڊينيٽر فار هيلٿ ڊاڪٽر ملڪ مختار جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال پوليو وائرس سبب 9 ٻارڙا متاثر ٿيا آهن.اينٽي پوليو جي فوڪل پرسن عائشه رضا چيو آهي ته پوليو کان بچاءُ جو سڀ کان مؤثر طريقو پوليو ويڪسين جا ڪيترائي ڊوز آهن.ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر محمد انوارالحق جو چوڻ آهي ته هن سال هن وقت تائين پوليو خلاف 6 مهم هلائي وئي آهي، ٻارن کي محفوظ رکڻ لاءِ مختلف حڪمت عمليون اختيار ڪيون پيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو