بلاول ۽ فريال جي مولا بخش چانڊيو سان تعزيت

بلاول ۽ فريال جي مولا بخش چانڊيو سان تعزيت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي کاتي جي وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري سينيٽر مولابخش چانڊيو سان سندس ڀاءُ جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پ پ قيادت سميت پوري پارٽي اوهان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. هوڏانهن پيپلز پارٽي جي عورت ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر به ڌار جاري ڪيل بيان ۾ ساڻس ڏک ونڊيندي مرحوم جي بلند درجات جي دعا ڪندي چيو ته الله تعاليٰ سندس خاندان کي صبر جي توفيق ڏي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو