اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان انٽرنيشنل ائٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانوگروسي ملاقات ڪئي.وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ڳالهين دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري صحت، زراعت، صنعت ۽ پاور سيڪٽر ۾ ايٽمي توانائي جي استعمال جي اهميت تي زور ڏنو.ڊي جي انٽرنيشنل ائٽامڪ انرجي ايجنسي رافيل ماريانوگروسي پاڪستان جي ايٽمي صلاحيتن کي ساراهيو.واضح رهي ته عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي) جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ اسلام آباد پهتو آهي.










