بلاول ماضي جي نه پر مستقبل جي سياست پيو ڪري

بلاول ماضي جي نه پر مستقبل جي سياست پيو ڪري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته بلاول ڀٽو ماضي جي نه پر مستقبل جي سياست ڪري رهيو آهي، بيان ۾ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ملڪ خلاف نفرت، ورهاڱي ۽ انتقام جي سياست کي ختم ڪرڻ لاءِ سچ ۽ مفاهمت جو مطالبو ڪيو آهي.شيري رحمان جو چوڻ آهي ته ٻن هفتن کانپوءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ ملڪ ۽ ان جي مستقبل جو فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي.سندس چوڻ آهي ته کيس يقين آهي ته عوام قومي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ پيپلز پارٽي ۽ بلاول ڀٽو کي ئي چونڊيندو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا ملڪ ۽ عوام کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته پارٽي ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ دهشتگردي ٻيهر جنم نه وٺي.شيري رحمان جو اهو به چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري واحد سياسي اڳواڻ آهي جيڪو هر شهر ۾ پنهنجي منشور سان عوام کي خطاب ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو