ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ سنڌ ۾ گورننس توڙي انتظاميا (ايڊمنسٽريشن) بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ گورننس ۽ انتظاميا کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.










