بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ)آبپاشي سب ڊويزن ڪڍڻ جي واھن ۾ پاڻي نه ھئڻ سبب ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن جي آبادگارن حسين ملاح, شيرمحمد عبدالھادي, ھميرنھڙيو, عبدالغفورچانڊيو, غلام پسيو, نورل ملاح, مصري منڌرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍڻ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي, انھي موقعي تي ھنن چيو ته آبپاشي سب ڊويزن ڪڍڻ جي مور شاخ, راڄواھ, سني گھوني, علي واھ, پاڌرشاخ, گنج بحر, سومراشاخ, شيرواھ ۽ ٻين سمورين شاخن ۾ پاڻي نه ھئڻ سبب ھتان جي زراعت۽ معيشت, تباھ ٿيڻ سان گڏ مال مويشي ۽ انسان ذات بک۾ پاھ ٿي لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن, ھنن چيو ته آبپاشي جو عملو ۽ سيڊا جو ڊائريڪٽر پاڻي جي کوٽ ۾ ملوث آھي ۽ ھن ڏاکڻي لاڙ واري علائقي ۾ ٽيل جي آبادگارن کي ھڪ منظم سازش تحت بي موت ماريو پيو وڃي, ھنن چيو ته ھتي جي زرخيز ٻنين ۾ جتي ڪمند, ڪڻڪ, ساريال ۽ سورج مکي سميت بمپر فصل ٿيندا ھئا آبادگار خوشحال ھوندا ھئا اتي ھن وقت بک جو راڪاس آھي ۽ پاڻي نه ھئڻ سبب زمينون ويران ۽ تباھ حال آھن, ھنن چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏھن پاڻي نه پھتو ته 27 فيبروري تي بلاول ڀٽو پاران اعلانيل لانگ مارچ جي موقعي سندس آڏو بدين ۾ وڏي انگ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو, ھنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته اڪرم واھ تي پاڻي تي ڌاڙي جي جاچ ڪرائي ٽيل ۾ پاڻي پھچائي ھتان جي زراعت ۽ انساني زندگيون بچايو وڃن.










