بلال ڪاڪا ڪيس: مک جوابدار جو رمانڊ منظور، ڀاءُ به گرفتار

بلال ڪاڪا ڪيس: مک جوابدار جو رمانڊ منظور، ڀاءُ به گرفتار

حيدرآباد (رپورٽر)حيدرآباد ۾ هوٽل مالڪ هٿان بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان بلال ڪاڪا جي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ڀٽائي نگر پوليس مُک جوابدار جي ڀاءُ محمد افضل خان پٺاڻ کي به گرفتار ڪري ورتو پوليس جو چوڻ آهي ته افضل پٺاڻ بلال ڪاڪا قتل ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد آهي، کائنس جاچ ڪئي پئي وڃي ٻئي پاسي مقامي عدالت ڪيس ۾ گرفتار مُک جوابدار شاهه سوار پٺاڻ جو وڌيڪ 7 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي مقامي عدالت پوليس جي 12 ڏينهن جي رمانڊ واري استدعا رد ڪندي مک جوابدار جو 7 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو جوابدار شاهه سوار پٺاڻ کي انتهائي سخت سيڪيورٽي جي پهري ۾ عدالت پهچايو ويو

پهنجو تبصرو موڪليو