ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو خلاف بي اعتمادي جي رٿ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي. بلوچستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي بحران شروع ٿي ويو آهي، بلوچستان جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائڻ جون تياريون جاري آهن. وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو خلاف سندس ئي پارٽي ۽ اتحادي متحد ٿي ويا. يار محمد رند چيو آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ويندي، جنهن لاءِ سمورين پارٽين جي مشاورت سان نئون وڏو وزير نامزد ڪيو ويندو. يار محمد رند چيو ته اسان وٽ گهربل نمبر آهن، عبدالقدوس بزنجو خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته اسان بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جي فيصلي تي غور ڪيو آهي، اميد آهي ته اڄ ئي عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي ويندي ۽ نئين وڏي وزير لاءِ متفقه فيصلو ڪنداسين. ٻئي طرف بلوچستان حڪومت جي ترجمان فرخ عظيم شاهه چيو آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو خلاف بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي. فرخ عظيم شاهه چيو ته مير عبدالقدوس بزنجو ايندڙ 5 سالن لاءِ بلوچستان جو وڏو وزير هوندو. وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ لاءِ 33 ووٽ گهربل هوندا. وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جي رٿ 17 ميمبرن جي حمايت سان اسيمبلي ۾ جمع ڪرائڻي پوندي.










