اڪلايل ڪيس پوليس سرٽيفڪيٽ ۾ ظاهر نه ڪرڻ جو حڪم

اڪلايل ڪيس پوليس سرٽيفڪيٽ ۾ ظاهر نه ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس سرٽيفڪيٽ ۾ بري ٿيل يا ڊسچارج ٿيل ڪيسن کي شامل ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شهري ڊاڪٽر عظميٰ حميد جي درخواست تي هڪ تحريري فيصلو جاري ڪيو، جنهن ڪيس جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ ۽ رڪارڊ کي حذف ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. هاءِ ڪورٽ عورت جي بري ٿيڻ کان پوءِ پوليس رڪارڊ انتظاميا مان رڪارڊ کي حذف ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته، عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته عورت کي 10 ڏينهن اندر نئون سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي.عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پوليس سرٽيفڪيٽ ۾ بري ٿيل، ڊسچارج ٿيل يا منسوخ ٿيل ڪيسن جو ذڪر نه ٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته، پوليس بري ٿيل ڪيسن جو رڪارڊ رکي سگهي ٿي پر ان کي سرٽيفڪيٽ ۾ ظاهر نه ٿي ڪري سگهي.فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ضابطن موجب، پوليس 60 سالن تائين ڪيسن جو رڪارڊ رکي سگهي ٿي، عدالت پوليس کي رڪارڊ رکڻ بند ڪرڻ جو حڪم نٿي ڏئي سگهي، بري ٿيل شخص جي حيثيت ساڳي آهي جيئن ڪيس ڪڏهن به قائم نه ٿيو هجي ۽ آئين جو آرٽيڪل 14 شهري جي عزت ۽ وقار جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو.فيصلي موجب، درخواست ڏيندڙ خلاف 2016 ۾ فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ 2017 ۾، جوڊيشل مئجسٽريٽ عورت جي بريت جي درخواست منظور ڪئي. عورت اسٽڊي ويزا تي پرڏيهه وڃڻ لاءِ پوليس ريڪارڊ سرٽيفڪيٽ لاءِ درخواست ڏني. پوليس عورت کي هڪ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو، جنهن ۾ بريت جي ڪيس جو به ذڪر هو.

پهنجو تبصرو موڪليو