ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ ايم پي اي ۽ ميهڙ واقعي ۾ نامزد جوابدار برهان چانڊيو چيو آهي ته ڌمڪيون ڏيڻ جا الزام غلط آهن، اُم رباب ٻين جي چوڻ تي اسان خلاف ڪارروايون ڪرائي رهي آهي، سپريم ڪورٽ جيڪو آءِ جي کي حڪم ڏنو هو اهو اسان ٻنهي ڀائرن لاءِ نه هو، رڳو جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ چيو هو، هن چيو ته جوابدارن جو ڀلي گهيرو تنگ ڪيو وڃي، ڀلي چوڪيون قائم ڪيون وڃن، اسان کي ان تي ڪو به اعتراض نه آهي. هن چيو ته اسان هر عدالت ۾ پيش ٿيا آهيون، ام رباب جي خاندان جا پنهنجا مسئلا آهن، جن سان اسان جو ڪو مسئلو نه آهي، پ پ ايم پي اي چيو ته ام رباب چانڊيو اسان جي ڀيڻ آهي،ان کان پڇيو وڃي ته ذوالفقار چانڊيو ۽ اسان خلاف فرياد داخل ڪرائيندڙ پرويز چانڊيو جو رشتي ۾ ڇا ٿئي؟ٻئي طرف ميهڙ واقعي جي متاثر ام رباب جو چوڻ هو ته ڌمڪيون ڏيڻ ۽ سهولتڪار هجڻ واري ڳالهه نه رڳو مان پر آءِ جي سنڌ خود چوي ٿو، هن چيو ته عدالتن جي پاسداري ڪرڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي مجبوري آهي، ٻنهي ڄڻن جي عبوري ضمانت ٿيل آهي، جيڪڏهن عدالت نه ايندا ته انهن جي عبوري ضمانت رد ٿيندي، ام رباب چيو ته چانڊيا سردارن کي جيڪڏهن ڪا غلط ڳالهه لڳي ته عدالتن جا دروازا کليل آهن ، هو اتي ڇو نه ٿا وڃن؟ باقي ميڊيا تي ويهي پاڻ کي مظلوم ظاهر ڪرڻ سان ڪجهه ڪو نه ٿيندو، ام رباب چيو ته ڪڏهن منهنجي ڳوٺ تي حملو ٿيو آهي، ڪڏهن اسڪول تي حملو ٿيو، اهو سلسلو ڌمڪائڻ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟، هن چيو ته ميهڙ ۾ پنهنجي حمايت ۾ ريلي ڪڍڻ جو مقصد آهي ته هو هڪ نياڻي کان ڊنل آهن.










