برطانيا پاران اسڪاءِ بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

برطانيا پاران اسڪاءِ بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانيا جي ملٽي نيشنل ڪمپني ‘جِي ڪي اين ايرواسپيس’ مستقبل جي تيز ۽ آسان سفر لاءِ ‘آسماني بس’ سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. فضا ۾ سفر ڪندڙ هن بس جي ڊزائن ۽ ٽيڪنالوجي به هنن شيئر ڪئي آهي. هن بس ۾ 30 کان 50 مسافر سفر ڪري سگهندا. هي پروجيڪٽ برطانوي حڪومت پاران ايئر ٽيڪسي، اليڪٽرانڪ ۽ سينسرٽيڪنالاجي جو استعمال بهتر بنائڻ واري پاليسي تي عمل ڪرائڻ جو حصوآهي. هن منصوبي سان زميني سفر کي محدود ڪيو ويندو ۽ فڪس شيڊول موجب اسڪاءِ بس فلاءِ ڪندي. هي بس مختلف شهرن ۾ سفر ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو