برستان جي اڳڪٿي،آفيسرن کي صورتحال جي نگراني جي هدايت

برستان جي اڳڪٿي،آفيسرن کي صورتحال جي نگراني جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آچرڏينهن سڀني ضلعي انتظاميا، مقامي حڪومتي ادارن، صوبائي آفتن جي انتظام جي اداري (پي ڊي ايم اي)، آبپاشي کاتي، صحت کاتي ۽ بچاءُ وارن ادارن کي هدايت ڪئي ته هو تيز ساونڻي جي برساتن، جاني نقصان، مقامي سطح تي ٻوڏ ۽ صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ملڪيتن کي نقصان کي نظر ۾ رکندي فوري طور تي سڀئي ضروري احتياطي ۽ هنگامي اپاءَ وٺن. پي ڊي ايم اي جي آفيس ۾ اعليٰ سطحي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير تازين موسمي اڳڪٿين، برساتن جي انگن اکرن، فيلڊ رپورٽن ۽ لاڳاپيل ادارن جي تيارين جو جائزو ورتو. هن چيو ته جاري ساوڻي جي برساتن دوران انساني جانين جو تحفظ ۽ عوام کي بنيادي سهولتون بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اجلاس ۾ وڏي وزير جي بحالي بابت صلاحڪار گيانچند اسراني، ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، سيڪريٽري بحالي مصطفىٰ شيخ، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهڙو، ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا، جڏهن ته حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزنن جا ڪمشنر، برسات متاثر ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر ۽ حيسڪو جو چيف وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وڏي وزير هنگامي صورتحال دوران ضلعي مان غيرحاضر رهڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي ٽائون ميونسپل آفيسر (ٽي ايم او) عمرڪوٽ کي فوري طور معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. هن مڪاني کاتي کي هدايت ڪئي ته ساوڻي جي هنگامي صورتحال دوران سمورا آفيسر پنهنجي مقررڪيل هنڌن تي موجود رهن. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هو سمورن ڊويزنل ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، مڪاني ادارن، پي ڊي ايم اي ۽ آبپاشي کاتي جي آفيسرن سان لڳاتار اجلاس ڪري رهيا آهن، ته جيئن کين موسمي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور الرٽ رکيو وڃي. هن ٻڌايو ته سموري ضروري مشينري ۽ امدادي سامان اڳ ئي ضلعي انتظاميا کي فراهم ڪيو ويو آهي، ته جيئن ضرورت پوڻ تي متاثر ماڻهن جي فوري مدد ڪري سگهجي. بحالي بابت بحالي جي صلاحڪار گيانچند اسراني اجلاس کي ٻڌايو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي، جتي مجموعي طور 20 کان 60 ملي ميٽر تائين برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ جي اڪثر ٻين ضلعن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ رڳو ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. تنهن هوندي به موسميات جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته مقامي سطح تي ڪڪر ٺهڻ جي صورت ۾ شهر جي ڪجهه علائقن ۾ برسات ٿي سگهي ٿي. ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ تيز برسات رڪارڊ ڪئي وئي. عمرڪوٽ تعلقي ۾ 169 ملي ميٽر، ڪنري ۾ 149 ملي ميٽر، ڪلوي ۾ 140 ملي ميٽر، ڏيپلو ۾ 135 ملي ميٽر، ڪنگري غلام محمد ۾ 133 ملي ميٽر، لطيف آباد ۾ 114 ملي ميٽر، حسين بخش مري ۾ 111 ملي ميٽر، ميرپورخاص شهر ۾ 111 ملي ميٽر، مٺي ۾ 106 ملي ميٽر، ڍالي ۾ 104 ملي ميٽر، حيدرآباد ٻهراڙي ۾ 93 ملي ميٽر ۽ حيدرآباد شهر ۾ 89 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته ڪيترن ئي علائقن ۾ تمام گهڻي تيز برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري ضلعي انتظاميا کي وڌيڪ تيار ۽ چوڪس رهڻ جي ضرورت آهي. برساتن جي اثرن جو جائزو وٺندي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سڄي صوبي ۾ برسات سان لاڳاپيل مختلف حادثن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت، جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. ضلعي وار جائزي موجب ٿرپارڪر ۾ برسات سان لاڳاپيل مختلف حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت، جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿيا. فوت ٿيلن مان 3 ڄڻا وڄ ڪرڻ، هڪ ڄڻو ٻڏي وڃڻ ۽ 2 ڄڻا کڏن ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿيا. عمرڪوٽ ۾ ٻڏي وڃڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿيا، جڏهن ته بدين ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿيو. وڏي وزير قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته متاثر خاندانن کي فوري امداد فراهم ڪئي وڃي، حڪومتي پاليسي موجب معاوضي جي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي ۽ سمورن واقعن بابت تفصيلي رپورٽون پيش ڪيون وڃن. آبپاشی کاتي جي سيڪريٽري وڏي وزير کي ٻڌايو ته ضلعي بدين جي علائقي سيراني ڀرسان ميرواهه ڪئنال ۾ آچر جي صبح لڳ ڀڳ 15 فوٽ ۽ 8 فوٽ ويڪرا ٻه گهارا پئجي ويا هئا. انهن گهارن سبب لڳ ڀڳ 200 گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو هو، تنهن هوندي به هنگامي ٽيمن جي بروقت ڪارروائي جي نتيجي ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميا ٻنهي گهارن کي فوري طور بند ڪري صورتحال تي ضابطو آڻي ورتو. وڏي وزير آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته واهن، شاخن، بندن ۽ ٻين حساس هنڌن جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي، خاص طور تي انهن ضلعن ۾ جتي تيز برساتون ٿي رهيون آهن. حيدرآباد جي ڪمشنر فياض عباسي اجلاس کي حيدرآباد ڊويزن ۾ ساوڻي جي برساتن جي صورتحال بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڊويزن جي سمورن 9 ضلعن ۾ تيز برساتون ٿيون. ڊويزنل رپورٽ موجب هڪ آگسٽ کان 2 آگسٽ دوران حيدرآباد ڊويزن ۾ مجموعي طور 971 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سراسري برسات 27.07 ملي ميٽر رهي. سڀ کان وڌيڪ مجموعي برسات حيدرآباد ۾ 360 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته بدين ۾ 212 ملي ميٽر، ٽنڊو الهيار ۾ 102 ملي ميٽر، ٽنڊو محمد خان ۾ 99 ملي ميٽر، سجاول ۾ 80 ملي ميٽر، ٺٽي ۾ 55 ملي ميٽر، مٽياري ۾ 49 ملي ميٽر، ڄامشوري ۾ 9 ملي ميٽر ۽ دادو ۾ 5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. حيدرآباد ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات لطيف آباد ۾ 114 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته حيدرآباد ٻهراڙي ۾ 93 ملي ميٽر، حيدرآباد شهر ۾ 89 ملي ميٽر ۽ قاسم آباد ۾ 64 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ڪمشنر فياض عباسي ٻڌايو ته تيز برساتن باوجود سي ايم پورٽل تي حيدرآباد ڊويزن مان جاني نقصان، فصلن يا وڏي پيماني تي ملڪيتن کي نقصان پهچڻ بابت ڪا به سرڪاري رپورٽ موصول نه ٿي آهي. تنهن هوندي به حيدرآباد شهر ۾ مُکي هائوس ڀرسان واقع تاريخي گنگا رام نواس عمارت جو هڪ حصو روڊ تي ڪري پيو، جنهن کي ضلعي انتظاميا فوري طور هٽائي ڇڏيو. هن واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. اهڙي طرح ٽنڊو محمد خان ۾ برسات سبب هڪ رهائشي گهر جي ٻن ڪمرن جي ڇت متاثر ٿي، جنهن تي ضلعي انتظاميا فوري طور متاثر خاندان کي خيما ۽ هنگامي امداد فراهم ڪئي. ميرپورخاص جي ڪمشنر شهمير ڀٽو سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته عمرڪوٽ جا ٽيئي وڏا ڊسپوزل اسٽيشن مڪمل طور فعال آهن ۽ موثر نموني ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته متاثر علائقن مان بيٺل برساتي پاڻي ڪڍڻ لاءِ مسلسل پمپنگ جاري آهي ۽ پاڻي جي سطح آهستي آهستي گهٽجي رهي آهي. ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته گوليمار، ڇور روڊ ۽ وِهرو روڊ جي ڊسپوزل اسٽيشنن تي روينيو آفيسرن کي 24 ڪلاڪ نگراني لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. سمورا آفيسر ۽ مڪاني ادارن جو عملو پنهنجي پنهنجي ذميوارين تي موجود آهي ۽ پاڻي جي نيڪال واري عمل جي نگراني ڪري رهيو آهي، ته جيئن برساتي پاڻي جلد کان جلد ڪڍي سگهجي ۽ شهري علائقن ۾ پاڻي بيهڻ کان بچائي سگهجي. وڏي وزير جاري ڪاررواين تي اطمينان جو اظهار ڪندي ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته صورتحال معمول تي اچڻ تائين مسلسل نگراني جاري رکي وڃي ۽ سمورا ڊسپوزل اسٽيشن مڪمل طور فعال رکيا وڃن. وڏي وزير ڪراچي ۾ ساوڻي جي برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيارين جو جائزو وٺندي ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، ضلعي انتظاميا، ٽائون ميونسپل اختيارين ۽ ٻين مڪاني ادارن کي هدايت ڪئي ته پاڻي جي نيڪال جو نظام مڪمل طور فعال رکيو وڃي ۽ پاڻي ڪڍڻ واري سموري مشينري هر وقت استعمال لائق حالت ۾ موجود هجي.ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب اجلاس کي ٻڌايو ته حساس هنڌن تي 10 هيوي ڊيوٽي پمپنگ يونٽ مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ نيپا چورنگي، ڊرگ روڊ انڊر پاس، قيوم آباد، فلڪ ناز، نيٽو جيٽي، ڪي پي ٽي انڊر پاس، سب ميرين انڊر پاس، سنڌ اسيمبلي جي چوڌاري، ناظم آباد انڊر پاس ۽ فورڪي چورنگي شامل آهن. پاڻي جي نيڪال واري عمل ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ کان بچڻ لاءِ وڏي وزير حيسڪو ۽ ٻين بجلي فراهم ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته پمپنگ اسٽيشنن ۽ اهم مڪاني اڏاوتون کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حيدرآباد، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ پڻ اضافي ڊي واٽرنگ پمپ لڳايا ويا آهن، ته جيئن برسات کان متاثر ضلعن ۾ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي وڏي وزير سمورن لاڳاپيل کاتن ۽ ضلعي انتظاميا کي جامع هدايتون جاري ڪندي ڊپٽي ڪمشنرن، مڪاني ادارن، صحت کاتي، آبپاشي کاتي جي انجنيئرن ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ وارين ٽيمن کي هدايت ڪئي ته موسم معمول تي اچڻ تائين فيلڊ ۾ موجود رهن ۽ هنگامي ڪاررواين جي پاڻ نگراني ڪن. هن سمورن حساس ضلعن ۾ 24 ڪلاڪ نگراني ۽ فوري ردعمل جو نظام برقرار رکڻ جي هدايت ڪندي زور ڀريو ته ڪوبه آفيسر اڳواٽ اجازت کانسواءِ پنهنجي مقرر ڪيل هنڌ تان نه وڃي. وڏي وزير مڪاني ادارن کي هدايت ڪئي ته شهري مرڪزن، هيٺاهين علائقن، روڊن ۽ انڊر پاسن ۾ گڏ ٿيل برساتي پاڻي جي فوري نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي. هن صحت کاتي کي پڻ هدايت ڪئي ته سمورن اسپتالن، ٻهراڙي جي صحت مرڪزن، ايمبولينس سروسز، دوائن ۽ هنگامي طبي عملي کي مڪمل طور چوڪس رکيو وڃي، ته جيئن برسات سبب پيدا ٿيندڙ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي موثر نموني منهن ڏئي سگهجي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته واهن، پاڻي جي نيڪال وارن نالن، حفاظتي بندن ۽ ٻوڏ کان بچاءَ وارن ڍانچن جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي، خاص طور تي بدين، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ضلعن ۾. سنڌ جي وڏي وزير پي ڊي ايم اي ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته امدادي سامان، خيما، خوراڪ ۽ ريسڪيو اوزار مناسب مقدار ۾ هر وقت دستياب رکيا وڃن، ته جيئن ضرورت پوڻ تي متاثر علائقن ڏانهن فوري طور پهچائي سگهجن. سيد مراد علي شاهه يوٽيلٽي ادارن کي پڻ هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رکي وڃي، جڏهن ته سمورن لاڳاپيل کاتن کي پابند ڪيو ته اهي صورتحال بابت باقاعده رپورٽون وڏي وزير سيڪريٽريٽ ڏانهن موڪليندا رهن. ذميواري، جوابدهي ۽ فوري ردعمل تي زور ڏيندي وڏي وزير خبردار ڪيو ته هنگامي صورتحال دوران غفلت، لاپرواهي يا ڊيوٽي تان غيرحاضري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ۽ سندن ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي. مون سون جي موسم دوران انساني جانين، ملڪيتن ۽ عوامي بنيادي ڍانچي جي تحفظ لاءِ سمورا ادارا گڏيل رابطي سان ڪم ڪن ۽ هر هنگامي صورتحال تي فوري ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو