برسات ۽ لينڊ سلائيڊنگ: ڪي پي، گلگت ۽ آزاد ڪشمير جا علائقا متاثر

برسات ۽ لينڊ سلائيڊنگ: ڪي پي، گلگت ۽ آزاد ڪشمير جا علائقا متاثر

پشاور(ويب ڊيسڪ)ڪوهستان ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي لينڊ سلائيڊنگ سبب قراقرم هاءِ وي ڪيترن ئي هنڌن تي بلاڪ ٿي وئي آهي، گذريل ڏينهن کان سوين گاڏين ۾ سوار هزارين مسافر ڦاٿل آهن.هوڏانهن گلگت بلتستان جو ملڪ جي ٻين شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ به ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب اهم شاهراه نيلم ڪيترن ئي هنڌن تي بند ٿي وئي.نيلم درياهه ۾ وچولي سطح جي ٻوڏ آهي ۽ نيلم وادي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 24 ڪلاڪن لاءِ بجلي معطل آهي جڏهن ته علائقي ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس پڻ سخت متاثر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو