برسات جي تباهي سبب آبادگار متاثر ٿيا آهن: محمد ابراهيم جتوئي

برسات جي تباهي سبب آبادگار متاثر ٿيا آهن: محمد ابراهيم جتوئي

شڪارپور (ن سنڌيار) سنڌ اندر چؤماسي جي برساتي سلسلي تباھي مچي ڇڏي آھي جنھن جو نقصان ھارين، آبادگارن ڪاروباري ماڻھن سان گڏ ڏھاڙي ڪمائيندڙ مزدورن کي ٿي رھيو آھي،سنڌ کي برسات سٽيل قرار ڏيئي برسات متاثرن جي مدد ڪئي وڃي،اھڙو اظھار نيشنل پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي سندس چوڻ آھي تہ چيو ته برسات کان بچاء لاء وفاقي توڙي صوبائي حڪومت کي اڳ ۾ ئي اپاءَ وٺڻ گھرجن ھا تہ نقصان گھٽ ٿي ھا پر عوام جو نقصان ٿيڻ باوجود سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت عوام جي ڪا به پرگھور ڪو نه لڌي آهي، شھري علائقن ۾ پاڻي بيھڻ جي ڪري عوام جي زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي ڪاروباري طبقي سان گڏ مزدور طبقو پڻ متاثر ٿي رھيو آھي،ھن چيو تہ مسلسل برسات سبب ڪيتري ئي ڳوٺن جا رستا شھرن کان ڪٽجي چڪا آھن سنڌ جي آبادگارن جا فصل مڪمل طور تباھ ٿي چڪا آھن،ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي جو وڌيڪ چوڻ هو ته تيز برسات سبب درياء جي وھڪرن ۾ غير معمولي واڌ ايندي جنھن ڪري سنڌ حڪومت کي گھرجي ته سنڌو درياءَ ۽ ڪينالن جي نگراني يقيني بڻائي وڃي ته جيئن امڪاني ٻوڏ جي خطري کان سنڌ بچي سگھي،اين پي پي اڳواڻ وڌيڪ چيو تہ برسات سبب بي گھر ٿيندڙ ماڻھن ۽ فوتگين تي افسوس آھي اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي چيو تہ وفاقي حڪومت ڏانھن نھارڻ ۽ مدد جي انتظار ڪرڻ بدران سنڌ حڪومت کي برسات متاثرن جي مدد ڪرڻ گھرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو