گمبٽ (ن سنڌيار): گمبٽ ۾ برسات جا راڱا، ھندو پاڙي ۾ ٻہ ماڙ جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، گھر ڌڻي رتن ڪمار ٻن پٽن سميت دٻجي فوت، سندس ٻن نينگرين جي حالت نازڪ، اطلاع باوجود انتظاميه نه پھتي، پ پ اڳواڻ حاجي عبداللطيف شيخ، سول سوسائٽي، شھري ۽ پاڙيوارن پھچي ملبو هٽائي دٻيل گھر ڀاتين کي ٻاھر ڪڍي گمس اسپتال پھچايو، وڏي انگ ۾ ماڻهو پھچي ويا، شھر ۾ سوڳ خبر موجب گمبٽ ۾ ٻن ڏينھن جي تيز برسات پوڻ سبب شھر جي ھندو پاڙي ۾ ٻه ماڙ جي مٿين ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، جنھن سبب گھر ۾ موجود گھر ڌڻي 50 ورھين جو رتن ڪمار ۽ سندس ٻه پٽ 6 ورھين جو سندر ۽ 5 ورھين ھو ٻالچند دبجي فوت ٿي ويا، جڏھن ته فوتي جون ٻه نياڻيون 13 ورھين جي ٽينا ۽ 11 ورھين جي انو راڌا سخت زخمي ٿي پيون. اطلاع باوجود گمبٽ انتظاميا نه پھتي، جڏھن ته پ پ پ اڳواڻ حاجي عبداللطيف شيخ، سول سوسائٽي ۽ پاڙيوارن پھچي پنھنجي مدد پاڻ تحت ملبو هٽائي دٻيل گھر ڀاتين کي ڪڍي گمس اسپتال پھچايو، جتي ڊاڪٽرن گھر ڌڻي ۽ سندس ٻن پٽن جي فوتگي جي تصديق ڪئي، جڏھن ته سخت زخمي ٿيل ٻن نياڻين جو علاج ڪيو پيو وڃي. گھر جي ڇت ڪرڻ سبب فوتين واري واقعي تي شھر ۾ سوڳ ڇانيل آهي.










