اوٻاوڙو )ن سنڌيار) اوٻاوڙوبرسات متاسر وٽ ڪو به سياسي اڳواڻ توڙي حڪومتي ادار نه پهچي سگهيا مسلسل روزانو جي بنياد تي غريب ۽ مسڪين ماروئڙن جا ڪکاوان گهر ڪري پٽ ٿي ويا متاسر کلي آسمان هيٺ ويٺل اوٻاوڙو جي علائقي ڳوٺ عارب رند ڳوٺ سهراب رند۔ڳوٺ ڏيوري۔ڳوٺ نصير دونڌو۔حسين پور۔چوڪماڙي ڳوٺ قادر بخش رند ۽ٻين ڳوٺن ۾ مسلسل مونسون بارشون پوڻ ڪري مسڪينن جا اجها ڪري پيا ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو صرف آفيس تائين محدود بڻيل آھن۔سنڌ حڪومت غريب ماروئڙن جون رڙيون ته ٻڌڻ ۾ آيون مگر ڪنهن به حڪومتي ڌر واهر نه ڪئي ڳوٺ عارب رند جي رهواسين ۽ ڳوٺ قادر بخش جي رهواسين پنهنجي ٻچڙن سميت کلي آسمان هيٺ سنڌ حڪومت کان مدد جي اپيل ڪندي نظر اچي ٿو ۽ اهڙا ڪيئي مسڪين بغير اجهي اٽي لٽي ۽ بک تي بيحال بڻيل آھن۔ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته غريب ماڻھن جي مدد ڪري انساني جانيون بچايون وڃن










