پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ راشن نه ڏيڻ خلاف رهواسين پاران روڊ بلاڪ

پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ راشن نه ڏيڻ خلاف رهواسين پاران روڊ بلاڪ

ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ٽنڊوباگو شھر جي نئون آباد محلي جي رھواسين جو گهرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ انتظاميا پاران تنبو ۽ راشن نه ڏيڻ تي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو. خبر موجب ٽنڊوباگو شھر جي نئون آباد محلي جي رھواسين پاران سندن گهرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ، کين راشن ۽ تنبو نه ملڻ ڪري بچائي، ميرزادي، نور النساء اختر ۽ غلام رضا ڪهيري جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوباگو بدين روڊ تي رڪاوٽون رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي برسات متاثر ماڻهن چيو ته ڏهن ڏينهن کان وٺي برساتي پاڻي گهرن مان نيڪال نه ڪرايو ويو آهي، جنهن ڪري اسين دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون. هنن چيو ته کين تنبو ۽ راشن ڏيئي گهرن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو