ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)برساتن کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ مليريا جي ڪيسن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو پيو وڃي. جنوري کان 17 سيپٽمبر تائين، سڄي سنڌ ۾ مليريا جا 154,123 ڪيس رپورٽ ٿيا.سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب، ڪراچي مان مليريا جا 2,097 ڪيس رپورٽ ٿيا، ملير ضلعي ۾ مليريا جا سڀ کان وڌيڪ 620 ڪيس رپورٽ ٿيا، ڏکڻ ضلعي مان 374 ڪيس ۽ اولهه ضلعي مان 349 ڪيس رپورٽ ٿيا. ترجمان موجب، ڪورنگي ضلعي مان مليريا جا 359 ڪيس، اوڀر ضلعي مان 179، سينٽرل ضلعي مان 121 ۽ ڪيماڙي ضلعي مان مليريا جا 95 ڪيس رپورٽ ٿيا.ترجمان موجب، حيدرآباد ڊويزن مان 71,014، سکر ڊويزن مان 11,862، لاڙڪاڻي ڊويزن مان 40,173، ميرپورخاص ڊويزن مان 11,865 ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن مان 17,112 مليريا جا ڪيس رپورٽ ٿيا.










