تحرير الله وسايو گهوٽو
جيئن جيئن سينيٽ جي اليڪشن ويجهو اچي رهي آهي تيئن تيئن عمران خان جي مشڪلاتن ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ حڪومت تي پريشر وڌي رهيو آهي فارين فنڊنگ ڪيس به عمران خان ۽ پوري پي ٽي آءِ لاءِ مصيبت بڻجي چڪو آهي اهڙي ماحول دوران نيب چوڌري برادران جا ڪيس ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ لاهور جي احتصاب عدالت ۾ لکي ڏنو آهي ته آمدن کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس بند ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته نيب جي قردار تي پهريان کان سوال اٿي رهيا آهن ته نيب غير جانبدار آهي نيب سياسي انجنيئرنگ ڪري رهي آهي ۽ نيب کي حڪومت سياسي مخالفن لاءِ استعمال ڪري رهي آهي اهي سڀ الظام نيب جي مٿان هجڻ جي با وجو حڪومتي ڌر جي ماڻهن جا ڪيس بند ڪندا ته اڃان وڌيڪ شق ۽ گمان پيدا ٿيندا.چوهدري شجاعت حسين ۽ چوهدري پرويز الاهي جي خلاف نيب ٽي انڪوائريون شروع ڪيون هيون ۽ ٽيئي بند ڪري ڇڏيون آهن نيب لکي ڏنو آهي ته هاڻي چوڌري برادران جي خلاف نيب ۾ ڪابه انڪوائري ناهي. هڪ طرف اها صورتحال ته حڪومتي ڌر جي ماڻهن جا ڪيس بند ٿي رهيا آهن ته ٻئي پاسي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا ۽ وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه جي جي خلاخ به نيب ڪيسکولي ڇڏيا آهن سليم مانڊويوالا کي پهريان گهرايو ويو هو ۽ نيٻ چيو ته اچو ڳالهه ٻولهه ڪريو جڏهن هو نه ويو ته ان کان پوءِ ان جي خلاف ڪيس کوليو ويو. پي پي حڪومتي ڌر چيو آهي ته وزير اعليٰ جي خلاف نيب جيڪو ڪيس کوليو آهي اهو سنڌ تي حملو آهي اها انتقامي ڪروائي آهي ان جوتمام وڏو ۽ چٽو ثبوٽ چيف منسٽر جي خلاف نيب ڪيس آهي.نيب جيڪو ريفرنس جعلي بينڪ اڪائونٽ وزير اعليٰ مراد علي شاهه خلاف داخل ڪيو آهي ان جو نتيجو ڇا نڪري ٿو. عام طور تي نيب ڪندي ايئن آهي ماڻهن جون پڳڙيون اڇلائيندي آهي زليل ۽ خوار ڪندي آهي ماڻهن جو ميڊيا ٽرائل ٿيندو آهي ۽ آخر ۾ ڪاميابي تمام گهٽ ڪيسن ۾ ملندي اٿن.پاڪستان جي اندر ته سپريم ڪورٽ ۽ سڀني هاءِ ڪورٽن نيب جي قردار تي سوال اٿاري چڪيون آهن ۽ اهو چئي چڪا آهن ته اهو ادارو نيب پولٽيڪل انجنيئرنگ جو ڪم ڪري رهيو آهي ان جو مثال سامهون آهي ته هڪ پاسي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا ۽ سنڌ جي وزير اعليٰ مراد علي شاهه جي خلاف نيب ڪيس کولي پئي ته ٻئي پاسي چودري برادران جا ڪيس بند ڪري ٿي.براڊ شيت هڪ ڪمپني آهي جيڪا لندن بيسڊآهي ۽ اها ايراني نزاد قانوندان ڪوي موساوي جي آهي. انٽرنيشنل اسيٽ رڪوري هي ٻه ادارا هئا جن سان (ر) جنرل پرويز مشرف اڄ کان 20 سال پهريان سن 2000 ۾ معاهدو ڪيو هو ته جيڪي پاڪستاني ملڪ کان ٻاهر رهندا آهن انهن جيڪو غير قانوني طريقي سان پيسو ٻاهر موڪليو آهي يا جيڪا غير قانوني پراپرٽي ٺاهي آهي ان جي خبر يا پتو ڪرڻو آهي ظاهرٿيڻ کان پوءِ ان ماڻهن خلاف ڪيس ڪيو ويندو انهن ماڻهن کان جيڪو پيسو ملندو ان مان براڊ شيٽ ڪمپني کي 20 فيصد ڏنو ويندو انعام طور . چيئرمين نيب سپريم ڪورٽ جو رٽائر سينيئر جج سڄي زندگي قانوني۽ قانون جو ڪم ڪيو آهي براڊ شيٽ سان معاهدو ته جنرل امجد ڪيو هوجيڪو ان وقت نيب جو چيئرمين هو جنهن جي هن تعريف به ڪئي آهي ان کان پوءِ ڪنهن به نيب چيئرمين نه موجوده نيب چيئرمين اها ڄاڻڻ جي ڪو شش ڪئي نه معاهدو پڙهيو ۽ چئي رهيا آهن ته ٻاهرين ملڪن ۾ براڊ شيٽ جيڪي پراپرٽيون ظاهرڪندي ان مان براڊ شيٽ کي 20 فيصد حصو ڏنو ويندو معاهدي ۾ اهو لکيل آهي ته پاڪستان ۾ به نيب کي جيڪا رڪوري ٿيندي ان ۾ به براڊ شيٽ 20 فيصد جو حقدار آهي. جيئن ئي نواز شريف سعودي عرب هليو ويو ته ان کانپوءِ جنرل مشرف نيب ذ ريعي هن ٻن ڪمپنين سان معاهدو ڪرايو ۽ ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي ڪجهه عرصي بعد يعني 2003 ۾ نيب انهن سان معاهدو ختم ڪري ڇڏيو ۽ موساوي انٽرويوز ۾ به چيو آهي ۽ مسلسل هيءَ ڳالهه چئي رهيو آهي ته نيب جو مقصد اهو نه هوندو هو ته چوري ٿيل پيسو پاڪستان آندو وڃي بلڪه انهن جو مقصد اهو هوندو هو ته ان کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ٿي جڏهن سياسي مقصد پورا ٿي ويندا آهن ته پوءِ نيب پوئتي هٽي ويندي آهي ۽ نه ئي پوءِ نيب کي ڪرپشن نظر ايندي آهي ان جي مثال هيءَ آهي ته ميان نواز شريف جڏهن سعودي عرب هليو ويو ته ان کانپوءِ هي ايگريمينٽ ختم ٿي ويا ان ۾ وڏا وڏا نالا ٻيا به آهن جنهن ۾ جرنيل به آهن سياستدان به آهن ۽ ڪجهه ڪارو باري ماڻهون به آهن موساوي عمران خان جي قردار تي به سوال اٿاريو آهي ۽ چيو آهي ته عمران خان اها ججمينٽ ڇو نه ٿو کولي جيڪڏهن اهو ججمينٽ نه کوليندو ته اهو سمجهيو ويندو ته عمران خان به چورن سان مليل آهي شايد اها ڌمڪي ڪم ڪري وئي ۽ اها هاءِ ڪورٽ جي ججمينٽ حڪومت پبلڪ ڪري ڇڏي آهي ان جي لاءِ حڪومت موساوي کان اجازت به گهري هئي هو ته چئي رهيو هو مطالبو ڪري رهيو هو ته کوليو اجازت ڪيئن نه ڏيندو ان ۾ حڪومت جو به مشقوق قردار آهي ڪيبنيٽ جي حوالي سان ته پهريان انهن ڪا بينا مان ڊسمبر ۾ منظوري ورتي ۽ جيڪا پيمنٽ ڏيڻي هئي اها پيمنٽ به ڏيئي ڇڏي هاڻي ان جي تحقيقات جي لاءِ وفاقي وزيرن تي مشتمل هڪ تحقيقاتي ڪميٽي بڻائي آهي ته ان جي منظوري ڪيئن ٿي ۽ پيمنٽ ڪيئن ٿي ان جي وزيرن تي مشتمل ڪميٽي جاچ ڪندي ته اهو مسئلو ڪيئن ٿيو . هي هڪ عجيب قسم جي ڪهاڻي نظر اچي رهي آهي ان ۾ شهزاد اڪبر چئي رهيو آهي ته براڊ شيٽ پنهنجو ڪم نه ڪيو ان ڪري پاڪستان حڪومت معاهدو ختم ڪيو هو هاڻي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن براڊ شيٽ ڪم نه ڪيو ته لندن ڪورٽ ايتري وڏي رقم 29 ملين ڊالر حرجاڻي طور ڇو وٺي ڏني. موساوي خود جنرل مشرف تي آصف علي زرداري تي شريف فيملي تي ۽ موجوده حڪومت جي ڪجهه ويجهن ماڻهن تي ڪرپشن ۾ ملوث هئڻ ٻڌايو آهي ته انهن غير قانوني طريقي سان ٻاهر پيسو آندو هو ۽ ملڪيتون ورتيون هيون پر حڪومت ۽ نيب ڪوبه ايڪشن نه کنيو . موساوي اهو به چئي چڪو آهي ته 2018 ۾ جڏهن شهزاد اڪبر لندن جو دورو ڪيو هو ته ان سان گڏ هڪ وزيربه هو جنهن هن نالو نه ٻڌايو آهي پر اهو اسد عمر هو ۽ هڪ ميجر جنرل به هو هن انهن کي ٻڌايو ته سنگاپور ۾ هڪ ماڻهون جو هڪ ارب ڊالر رقم پئي آهي ۽ هن چيو ته اها رقم رڪور ڪرائي سگهجي ٿي پر ان جي بدلي ايگريمينٽ مطابق ان کي 20 فيصد ڪميشن ڏني وڃي ته بقول موساوي جي ته ان ميجر جنرل چيو مون کي ڪيترو حصو ملندو موساوي ان تي افسوس ڪيو ته هي ڪهڙي قسم جا ماڻهون آهن جيڪي مون کان ڪميشن وٺي رهيا آهن جڏهن ته مان پاڪستان جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ اهو هو ميجر جنرل مالڪ صاحب. موساوي چيو آهي ته انهن هن سان ٻه ميٽنگس ڪيون ۽ ان وٽ ان ميٽنگس جو رڪارڊ موجود آهي جنهن کان پوءِ موساوي چيو ته مون کي ان تي ڏاڍو افسوس ٿيو ته مان انهن کي ڇو ٻڌايو ڇاڪاڻ ته پاڪستان حڪومت ته انهن جي خلاف ڪجهه نه ڪندي ان کان سٺو هو لندن پوليس کي ٻڌايان ها شايد ڪجهه ٿي پوي ها ان کانپوءِ موساوي هڪ ٻي دعويٰ به ڪئي آهي ته جڏهن اها تحقيقات شروع ٿي هئي ته شريف فيملي جو انجم ڊار نالي هڪ شخض هن سان مليو جنهن خود کي نواز شريف جو ڀاڻيجو ٻڌايو هو ۽ هن مون کي پيشڪش ڪئي هئي ته توهان کي 25 ملين ڊالر ڏيون ٿا ان ڪيس جي انويسٽيگيشن بند ڪريو ۽ جڏهن اهي خبرون سامهون آيون ته شريف فيملي ٻڌايو ان نالي جو ته اسان جي خاندان ۾ ڪو ماڻهون به نه آهي . موساوي جنرل امجد جي قردار جي وڏي تعريف ڪئي آهي جيڪو نيب جو پهريون چيئرمين هو سن 2000 ۾ جنرل امجد ڪافي عرصو خاموش رهيو ۽ ميڊيا کان به پري رهيو ليڪن جڏهن جي آءِ ٽي ٺهي ته شريف خاندان جي خلاف جيڪي معاملات هيا ان ۾ گواهي ڏيڻ آيو هو ۽ ڪجهه ڊاڪيومينٽس به ڏنا هئا.شهزاد اڪبر اهو ته ٻڌايو ته ان وقت پيپلز پارٽي جي حڪو مت هئي ۽ يوسف رضا گيلاني وزير اعظم هوليڪن ايگريمينٽ ته نيب سان ٿيو هو حالت اها آهي نيب جي ته پنهنجي ويريفڪيشن کان پوءِ جنهن ماڻهون کي 15 لک ڊالر ڏيئي رهيا آهن اهو جعلي آهي هاڻي اها ڪنهن جي نا اهلي آهي يوسف رضا گيلاني جي يا چيئرمين نيب جي يا بطور ادا ري نيب جي . لندن ڪورٽ جي جيڪا ججمينٽ آهي ان ۾ براڊ شيٽ جيڪو20 فيصد حصي جو ڪليم ڪيو آهي ان ۾ ڪجهه نالا هي آهن جنهن ماڻهن کان رڪوري ٿي آهي هي اهي نالا آهن ان ۾ شون گروپ پاڪستان جو جنهن کان 84760 ڊالر آهن،لاکاڻي کان 25000 هزار ڊالر، فوزي علي ڪاظمي ان کا 85600 ڊالر، جنرل (ر) زاهد علي اڪبر هي واپڊا جو چيئرمين به رهيو هو ان کان 381600 ڊالر. افتاب شيرپائو 210000 ڊالر،انصاري اسيٽس فرم 180000 ڊالر، هي ايوراڊ جي پارٽ ون جي حصي جو رقمون آهن. ايوارڊ پارٽ ٽو ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2ڪروڙ 15 لک ڊالر ايون فيلڊ مان براڊ شيت کي ملندا جيڪا نواز شريف جي ملڪيت آهي ۽ 19 ملين ڊالر شريف فيملي جي ٻين ملڪيتن مان 20 فيصد شيئر، ٽوٽل 29 ملين ڊالر پاڪستان کي براڊ شيت کي ادا ڪرڻا آهن.شهزاد اڪبر اهو ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينا جيڪا منظوري ڏني ان جي وجهه اها هئي ته اپيل جا حق ختم ٿي ويا هئا . نواز شريف حڪومت جي دور ۾ اپيل ڪئي وئي هئي پر ان معاملي کي خفيه رکيو ويو هو ۽ هاڻي جيڪڏهن وڌيڪ خفيه رکون ها پيمنٽ نه ڪريون ها ته 5 هزار ڊالر روزانو حڪومت کي جرڏنڊ ڀرڻو پوي ها. هي جيڪو فيصلو آهي ثالث جو ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان م جيڪا جي آءِ ٽي ٺهي هئي ان جي آءِ ٽي جي انهن فارينزڪ آڊٽ ڪرائي جنهن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته شريف فيملي جا ملڪ جي اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر 82 ڪروڙ ڊالر جا اثاثا آهن. جيئن پهريان ٻڌائي چڪا آهيون ته نيب کي هميشه پولٽيڪل انجنيئرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي جڏهن 2003 ۾ نيب براڊ شيٽ سان معاهدو ختم ڪيو هو ان وقت براڊ شيٽ ڪورٽ ۾ هليو ويو 2007 ۾ پاڪستان حڪومت کي نوٽس وصول ٿيو ۽ ٻي جيڪا ڪمپني هئي انٽر نيشنل اسيٽ رڪوري ان سان2008 ۾ پاڪستان حڪومت سيٽلمينٽ ڪئي ڪورٽ کان ٻاهر ۽ 25 لک ڊالر ان کي ادا ڪيا. 2009 ۾ لندن ڪورٽ ۾ ڪاروائي شروع ڪئي وئي هئي ۽ 2016 ۾ ڪورٽ فيصلو ڏنو هو ته براڊ شيٽ کي رقم ادا ڪيو ان وقت پاڪستان ۾ نواز شريف جي حڪومت هئي انهن درخواست ڪئي هئي ته اهو معاملو پبلڪ نه ڪيو وڃي. حڪو مت اپيل ڪئي هئي 2009 کان اهو سلسلو هلندو رهيو 20018 ۾ اپيل جو فيصلو به ٿي ويو ان کانپوءِ ڪو رستو به نه هو ليڪن ان ۾ به اڍائي سال پي ٽي آءِ حڪومت ڪڍي وئي ۽ جيڪو جرمانو پيو 5 هزار ڊالر روزانو ان جي ذميوار پي ٽي آءِ حڪومت آهي ڇاڪاڻ ته 2018 واري فيصلي تي 2020 ۾ ڇو عمل ڪيو پهريان بي ڪري سگهن پيا. شهزاد اڪبر هڪ ٻيو الزام به لڳايو جيڪو هن آرڊر جو حصو به آهي جيڪو ڪوانٽم آرڊر آيو لندن کان ان ۾ شهباز شريف تي الزام هو ته 16 ڪروڙ ڊالر ان هاءِ ويز جي ٺيڪن مان ڪڪ بيڪس ذريعي ڪمايا هئا بعد ۾ شهباز شريف 73 لک ڊالر نيب کي ڏنا ان کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ويو ۽ ڪورٽ آرڊر ڪيو ته نيب شهباز شريف کي پيسا واپس ڪري جنهن خلاف نيب سپوريم ڪورٽ وئي پر سپريم ڪورٽ به ساڳيو آرڊر برقرار رکيو جڏهن هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ نيب کي چون ته پيسا واپس ڪريو ته يقينن دال ۾ ڪجهه ڪاروڪارو آهي شهزاد اڪبر ٻيون ته سڄيون ڳالهيون ٻڌايون آهن ليڪن اهو نه ٻڌايو آهي ته جيڪوموسوي صاحب چوي ٿو ته ميجر جنرل مالڪ 2019 ۾ لندن ان سان گڏ آيو هو ان جي باري ۾ شهزاد اڪبر خاموش آهي اسان اميد ڪريون ٿا ته جلدي ان جي باري ۾ به ٻڌائيندو هيءَ معلومات سينيئر صحافي اعجاز مهر جي ويلاگ مان ورتي وئي آهي










