لاهور (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي برآمدات کي ساليانو 60 ارب ڊالرن تائين آڻڻ جو هدف ڏنو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ڊولپمينٽ اينڊ ايڪسپورٽ بورڊ جو اجلاس ٿيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته واپار واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارا 60 ارب ڊالرن جي ايڪسپورٽ هدف لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته گذريل مالي سال ملڪي برآمدات 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ هئي، حڪومتي پاليسين جي ڪري آءِ ٽي جي برآمدات 3.2 ارب ڊالرن کان وڌي وئي جيڪا خوش آئند آهي.وزيراعظم هدايتون ڏيندي چيو ته ايڪسپورٽرز جا مسئلا ايندڙ ٻن هفتن ۾ حل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ هر هڪ کان هڪ مهيني کانپوءِ نيشنل ڊولپمينٽ اينڊ ايڪسپورٽ بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندس.شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ سڀني کي محنت ڪرڻي پوندي هن چيو ته زرعي برآمدات ۾ واڌ لاءِ فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت کي صوبن سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن معياري ٻج ۽ زرعي شين جي وڌيڪ پروسيسنگ کي يقيني بڻائي سگهجي، زرعي شين جي اعليٰ پيداوار وارين قسمن جي فراهمي کي ڪيو وڃي هن چيو ته شپنگ سان لاڳاپيل مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن ته جيئن يورپ ۽ آمريڪا ۾ پاڪستاني سامان جي ترسيل وقت ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، واپار واري وزارت ۽ سيڙپڪاري بورڊ چين جي برآمدي صنعتن جي پاڪستان منتقلي جي حوالي سان تعاون کي يقيني بڻائي.وزيراعظم چيو ته پاڪستاني شين جي برآمدات کي وڌائڻ لاءِ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ، انوويشن ۽ برانڊ ڊولپمينٽ ڪئي وڃي، ايف بي آر طرفان برآمد ڪندڙن جي رقم جي واپسي ۾ ڪنهن به قسم جي دير قبول نه ڪئي ويندي.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته بجلي واري وزارت کي گهرجي ته صنعتن جي لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ هڪ جامع پلان ڏئي، پرائيويٽ سيڪٽر کي دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي پاليسي جو حصو بڻايو وڃي.










