بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ) بدين پوليس ۽ منشيات فروش وچ ۾ مبينا مقابلو مبينا آئس ڊيلر محرم دل مارجي ويو مقابلي ۾ ٻه پوليس اهلڪار زخمي تفصيل موجب سي آءِ اي بدين جو انچارج سب انسپيڪٽر گل حسن لغاري ۽ ڪڍن پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر امتياز علي ٿيبو اھا دعوي ڪئي آهي ته کين ڳجھو اطلاع مليو ته جوابدار محرم دل علي بندر روڊ جي ويجهو آهي اطلاع تي پوليس پارٽي فوري ڪارروائي ڪندي ڄاڻايل هنڌ تي پهچي جوابدار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر جوابدارن پوليس پارٽي کي ڏسندي گرفتاري کان بچڻ لاءِ انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڪانسٽيبل عاشق علي ڀنڀرو ۽ ڪانسٽيبل ثاقب علي غازي زخمي ٿي پيا ٻنهي زخمين کي فوري طور تي طبي امداد لاء انڊس اسپتال بدين منتقل ڪيو ويو جتي انهن کي ضروري طبي امداد ڏني پئي ايس ايس پي بدين جي پي آر او طرفان جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واقعي جي اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي جي هدايتن تي پوليس جي اضافي نفري واقعي واري هنڌ موڪلي وئي پوليس جي اثرائتي حڪمت عملي ۽ جوابي ڪارروائي دوران جوابدار محرم دل پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو پي آر او جي بيان موجب ته شروعاتي ڄاڻ موجب جوابدار بدين پوليس کي پوليس مقابلن ۾ چوري، منشيات ۽ ٻين سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو جڏهن ته ان خلاف مختلف ٿاڻن ۾ ڪيترائي ڪيس پڻ داخل آهن ايس ايس پي بدين زخمي پوليس اهلڪارن جي بهادري ۽ فرض جي لگن کي ساراهيو آهي ۽ انهن جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي چيو ته بدين پوليس جون ڪارروايون قانون جي مطابق پوري ذميواري ۽ پيشيوراڻي انداز سان جاري رهنديون ته جيئن ماڻھن جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگھجي










