ٺري ميرواهه (ن س) بدفعلي ڪيس ۾ آزاد ٿيل سارنگ شر کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب خيرپور پوليس ٺري ميرواهه مان سارنگ شر کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.واضح رهي ته سارنگ شر جي آزادي تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل سامهون آيو هو، جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو هو ته صوبائي حڪومت لکت فيصلو جاري ڪندي سارنگ شر جي آزادي خلاف اپيل داخل ڪندي.سندس چوڻ هو ته اڃا تائين سارنگ شر کي آزاد ڪرڻ جو رڳو هڪ مختصر حڪم نامو جاري ٿيو آهي، جيتوڻيڪ واضح طور تي هڪ وڊيو ۾ کيس ٻار سان بدفعلي ڪندي ڏٺو ويو آهي، چيئرمين بلاول به ان معاملي کي ڏسي رهيو آهي. ياد رهي ته خيرپور جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ٺري ميرواهه ۾ ٽيوشن سينٽر جي شاگردن سان بدفعلي جي ڪيسن ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي سارنگ شر کي آزاد ڪري ڇڏيو هو.










