شھدادڪوٽ( ڊ ر) ايس ٽي پي ڪارڪنن جو شھر ۾ موٽر سائيڪلن جي وڌندڙ چوري، ڦرن ۽ سماجي براين خلاف احتجاج، ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي شهر ۾ موٽرسائيڪل جي وڌندڙ چورين، ڦر، جوا ۽ سماجي بُراين خلاف شبير مگسي، امداد سومرو، سجاد تونيو، رشيد مگسي، داد محمد کنڊ، عمران خشڪ، زاهد مگسي فاروق چاوڙو، محسن ميرجت، ضياءُ الرحمان کوسو، ۽ ٻين ڪوٽوموٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بُک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته شھر مان روزانو چاٻي چور موٽرسائيڪل چوري ڪري وڃن ٿا. جڏھن ته موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ به عام بڻجي چڪو آھي جنهنجو تازو مثال ڪجھ ڏينهن خود هڪ پوليس اهلڪار کي زخمي ڪري کائنس ڦورو 125 موٽرسائيڪل ڦر ڪري آرام سان فرار ٿي ويا. ان کان علاوه شھر مان دوڪانن جون ڇتيون پٽي ۽ تالا ٽوڙي سامان چوري ڪرڻ، ٻهراڙين سودي سامان جي خريداري لاءِ شھر ايندڙ ماڻھن کان مال پڙي توڙي بازار مان بشني سندن کيسا ڪٽي پئسا کڻي وڃڻ سميت رات جي وقت گهٽين مان موبائيل سيٽ، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ پڻ روز جو معمول بڻيل آھن. هنن چيو ته اي سيڪشن ٿاڻي جو جو ايس ايڇ او طفيل احمد احمداڻي ۽ مقامي پوليس اهلڪار ڏوهارين اڳيان بي وس بڻيل آهن جنهنڪري بدامني ۽ چوري گھٽ ٿيڻ بجاءِ وڌي رهي آھي، هنن ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪندي گھُر ڪئي ته شهر ۾ وڌندڙ واقعن جو نوٽيس وٺي شهرين ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.










