بحريه ٽائون جي ڏنڊ واري رقم استعمال ڪرڻ لاءِ ڪميشن قائم

بحريه ٽائون جي ڏنڊ واري رقم استعمال ڪرڻ لاءِ ڪميشن قائم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بحريه ٽائون جا 460 ارب رُپيا وفاق ۽ سنڌ سرڪار مان ڪنهن کي به نه مليا، سپريم ڪورٽ رقم ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪرڻ لاءِ 11 رُڪني ڪميشن جوڙي ڇڏي، وفاق ۽ سنڌ سرڪار جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو عدالت جاري ڪري ڇڏيو، اٽارني جنرل جي ڪميشن جوڙڻ واري استدعا منظور، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ڪميشن جو سربراهه سپريم ڪورٽ جو جج هوندو، سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير جا نمائندا به ڪميشن ۾ شامل هوندا، اٽارني جنرل، اي جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي به ڪميشن ۾ شامل ڪيو ويندو، اسٽيٽ بئنڪ جو نمائندو ۽ 2 سماجي شخصيتون به شامل هونديون، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن سنڌ ۾ ضرورت موجب نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪندي، پهرين کان جاري منصوبن تي بحريه ٽائون جا پئسا خرچ نه ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو