بحريه ٽائون جو عمل ناجائز آهي، نثار کهڙو

بحريه ٽائون جو عمل ناجائز آهي، نثار کهڙو

ميروخان (ن سنڌيار) پ پ سنڌ جي صدر نثا کهڙو چيو آهي ته سنڌ سرڪار بحريا ٽائون معامري جو نوٽيس وٺي ايف آءِ آر داخل ڪري ان عمل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ناجائز عمل کي ناجائز ئي چئبو، هن چيو آهي ته پيپلزپارٽي پي ڊي ايم جي لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مڪمل تيار هئي پر پي ڊي ايم سان لانگ مارچ کان اڳ استعيفا ڏيڻ واري معاملي تي اختلاف ٿيا هن وقت به پ پ پي ڊي ايم ناهي ڇڏي، نثار کهڙو چيوآهي ته اسان جي قيادت جو موقف هيو لانگ مارچ ڪامياب نه ٿيو ته پوءِ آخري حربو استيعفائون ڏيڻ هونديون ۽ پوءِ استيعفائون ڏينداسين، پيپلزپارٽي عوام جو اعتماد رکندڙ سياسي جماعت آهي مرڪزي قيادت سان رهيل تنظيم سازي تي ڳالهيون هلي رهيون آهن ڪجهه حتمي فيصلا به ٿيا آهن پر اعلان ۾ ڪجهه دير آهي، هن چيو آهي ته فلسطين سان پراڻو تعلق آهي فلسطين جي سرزمين تي اسرائيل جي جنگي ڪارواين جي مذمت ڪريون ٿا فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام سان همدرديون آهن، هن وڌيڪ چيو آهي ته ڪورونا جي ٽئين لهر ڏاڍي خطرناڪ آهي عوام احتياط ۽ ايس اوپيز تي عمل ڪري پاڻ کي ۽ ٻين کي محفوظ بڻائي.

پهنجو تبصرو موڪليو