ملير(درياخان شر) بحريا ٽائون جي هٿياربند گارڊن ۽ پوليس موبائيلن ۾ سوار اهلڪارن پاران سپريم ڪورٽ جي حڪم جي آڙ ۾ پاڪستان کان اڳ قائم ٿيل قديم ڳوٺن کي ڊاهڻ ۽ ڳوٺاڻن کي بيدخل ڪرڻ جون ڪاروائيون تيز ڪيون ويون آهن، علي محمد گبول ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڳوٺ کي بلڊوز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڳوٺن جي چڱن مڙسن ڀائي خان گبول، حاجي دين محمد گبول، محمد موسيٰ گبول، خان محمد گبول، عيسيٰ گبول ۽ اشرف گبول جي اڳواڻي ۾ عورتون، ٻارڙا ۽ سوين ڳوٺاڻا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ پنهنجي ماڳن کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪرڻ شروع ڪري ڏنائون، اهڙي صورتحال ڏسندي گارڊ ۽ پوليس واپس موٽي ويا ۽ شام جو ڳوٺ تي ٻيهر چڙهائي ڪري ڳوٺاڻن کي بيدخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندي چيائون ته ڳوٺ جي زمين اسان کي سپريم ڪورٽ پاران مليل آهي، ان ڪري اوهان لڏي وڃو ٻي صورت ۾ اوهان کي گرفتار ڪري اوهان مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويندا ۽ ڳوٺ کي ڊاهي پٽ ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پاڪستان کان به اڳ هتي آباد آهيون، جڏهن کان بحريا ٽائون جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، اسان جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي. جڏهن اسان بحريا ٽائون جي انتظاميا کان سپريم ڪورٽ جو آرڊر ۽ نقشو ڏيڻ جي گهر ڪئي ته انهن انڪار ڪندي اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته بحريا ٽائون جي انتظاميا اسان جي قديم قبرستان جون ڪيتريون ئي قبرون ڊاهي ڇڏيون آهن ۽ قبرستان کي چار ديواري ڏئي لاش دفن ڪرڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي، هنن چيو ته اسان جو ڳوٺ 60 ايڪڙن تي مشتمل آهي، ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ 500 گهر آهن، ڳوٺاڻن چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اسان خلاف قيامت برپا ڪئي وئي آهي پر جن کي اسان ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو، انهن چونڊيل نمائندن مان اسان وٽ اڄ ڏينهن تائين ڪوبه لڙي نه آيو آهي. هوڏانهن ڳوٺ تي بحريا ٽائون جي چڙهائي واري صورتحال دوران انڊيجينس رائٽس الائنس جي اڳواڻ حفيظ بلوچ جي اڳواڻي ۾ الائنس جو هڪ وفد متاثر ٿيل ڳوٺ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ان ڳوٺاڻن کي چيو ته الائنس بحريا ٽائون جي ظلم خلاف جدوجهد ڪري رهي آهي، اسين اوهان سان گڏ آهيون.










