بجلي سستي ڪرڻ بابت جلد عوام کي خوشخبري ملندي، ميمڻ

بجلي سستي ڪرڻ بابت جلد عوام کي خوشخبري ملندي، ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبائي حڪومت بجلي جي ڳرن بلن جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ وفاق سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، هن واعدو ڪيو ته عوام کي جلد خوشخبري ملندي. پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ اقرار ڪيو ته بجلي جا وڌندڙ بل پاڪستان ۾ هڪ وڏو مسئلو بڻجي ويا آهن، ڪيترائي شهري ان کي برداشت ڪرڻ کان قاصر آهن. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت سان ان مسئلي جو حل ڳولڻ ۾ رڌل آهي، عوام کي رليف ڏيڻ جي ويجهو پهتا آهيون. هن اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو پاران شروع ڪيل منصوبن کي روڪڻ تي گذريل حڪومتن تي به تنقيد ڪئي، ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٿر جي ڪوئلي ذريعي سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ٿر سڄي ملڪ جي توانائي جي ضرورتن جو بار کڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ٿر مان 11 رپيا في يونٽ ۽ نوري آباد مان 9 رپيا في يونٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ ۽ عوام کي گهربل رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي. هن چيو ته منشيات به پاڪستان جو وڏو مسئلو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سمورن ادارن کي منشيات جي روڪٿام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، 14 آگسٽ کان پوءِ منشيات بابت سيمينار منعقد ڪنداسين، پوليس منشيات تي ضابطو آڻڻ لاءِ بهترين ڪم ڪيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ پوليس ساڍا 7 هزار کان وڌيڪ منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو آهي، منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ بحالي مرڪز قائم ڪري رهيا آهيون، سماجي ڀلائي ۽ صحت کاتي سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ پوليس اسٽريٽ ڪرائم تي وڏي حد تائين ڪنٽرول ڪيو آهي، لڳ ڀڳ 2 هزار پوليس مقابلن ۾ 212 ڏوهاري مارجي ويا آهن، پوليس 8 هزار کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو، ڪچي ۾ آپريشن دوران 43 ڌاڙيل مارجي ويا ۽ 11 پوليس جا جوان شهيد ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو