بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون سبب 72 انچ قطر جون 3 لائينون متاثر، مرمت ڪم جاري

بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون سبب 72 انچ قطر جون 3 لائينون متاثر، مرمت ڪم جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون سبب 72 انچ قطر جون 3 لائينون متاثر لائينز جي مرمت جو ڪم هنگامي بنيادن تي شروع ڪيو ويو آهي تفصيل موجب ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي اھم ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ پاران اڄ صبح 5 وڳي بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون سبب 72 انچ قطر جون 3 لائينون متاثر ٿي ويون، اطلاع ملڻ تي واٽر بورڊ جا عملدار موقعي تي پهچي ويا ۽ متاثر لائينن جي مرمت جو ڪم هنگامي بنيادن تي شروع ڪري ڇڏيو، واٽر بورڊ عملدارن مطابق ڪي اليڪٽرڪ پاران ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي سمورن فيڊرز تان سپلائي اوچتو بند ٿيڻ سبب پمپنگ مڪمل طور بند ٿي وئي جنهن سبب شهر کي 125 ايم جي ڊي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو، واٽر بورڊ عملدارن موجب متاثر لائينن جي بحالي جو ڪم هنگامي بنيادن تي شروع ڪيو ويو آهي ۽ شهر کي متبادل پمپن ذريعي پاڻي جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي ايم ڊي واٽر بورڊ محمد رفيق قريشي آفيسرن کي حڪم جاري ڪندي چيو تہ متاثر لائينن جي مرمت جو ڪم فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو