دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو جي ڪنزيومر ڪورٽ سيد امتياز علي شاهه راشدي جي عدالت بجلي جي غلط بل موڪلڻ تي انجنيئر ۽ ايس ڊي او کي هٿڪڙيون هڻائي ڇڏيو ڊاڪٽر عبدالرشيد قريشي جي درخواست تي عدالت سيپڪو عملدارن کي غلط بل ختم ڪرڻ جا حڪم ڏنا هئا عدالتي حڪمن باوجود فريادي جو واڌو ۽ غلط بل ختم نه ڪرڻ تي عدالت انجنيئر طائف حسين ميمڻ ۽ ايس ڊي او شاهد شاهه کي طلب ڪيو هو عدالت انجنيئر ۽ ايس ڊي او کي غلط بل ختم نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هٿڪڙيون هڻڻ جا حڪم جاري ڪيا سيپڪو عملدار وڪيل کي ساڻ ڪري عدالت پهچي ويا، انجنيئر ۽ ايس ڊي او پاران عدالت کان معافي وٺڻ بعد عدالت کين فوري طور تي بل ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا عدالت معافي نامو لکت ۾ وٺڻ بعد انجنيئر ۽ ايس ڊي او سيپڪو کي ڇڏي ڏنو فريادي ڄاڻايو هو ته هڪ مهيني جو 40 هزار اضافي ڊڊيڪشن بل اماڻيو ويو آهي جيڪا سراسر نا انصافي آهي










