بجلي جي بل ۾ ميونسپل ٽيڪس ود هولڊ ڪرڻ جي حڪم ۾ واڌ

بجلي جي بل ۾ ميونسپل ٽيڪس ود هولڊ ڪرڻ جي حڪم ۾ واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي وصولي روڪڻ واري حڪم ۾ وڌيڪ واڌ ڪري ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي وصولي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب عدالت ۾ پيش ٿيو. مرتضيٰ وهاب چيو ته عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٽئين پارٽي ذريعي ٽيڪس گڏ ٿي سگهي ٿو يا نه، سيڪشن 100 ۾ چيو ويو آهي ته ٽئين پارٽي ذريعي ٽيڪس گڏ ٿي سگهي ٿو يا نه، ان تي جسٽس اطهر رضوي چيو ته ان ڪيس ۾ صلاح الدين احمد، فيصل صديقي ۽ عمر سومرو کي عدالتي معاون مقرر ڪيو ويو آهي.عدالت سينيئر وڪيلن خالد جاويد ۽ منير اي ملڪ کي عدالتي معاون مقرر ڪري ڇڏيو.مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ٽيڪس جي وصولي شفاف عمل آهي، 7 لک 50 هزار ماڻهن اهو ٽيڪس ادا ڪيو جنهن مان 650 ملين رپيا گڏ ٿيا.عدالت بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي وصولي روڪڻ جي حڪم ۾ ايندڙ ٻڌڻي تائين واڌ ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو