اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي بريڪ ڊائون جي جاچ لاءِ قائم انڪوائري ڪميٽي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) ۽ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) اختيارين شرڪت ڪئي. ڪميٽي بجلي بريڪ ڊائون جي انڪوائري ڪميٽي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته مصدق ملڪ جون مصروفيتون آهن، محڪماڻي انڪوائري ڪئي وڃي ۽ هڪ هفتي ۾ رپورٽ ڏني وڃي. اسٽينڊنگ ڪميٽي اين ٽي ڊي سي جي ڊپٽي مئنيجرن کي فوري طور هٽائڻ جي هدايت ڪئي.پاور ڊويزن اختيارين ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته بريڪ ڊائون جي انڪوائري اڃا فائنل ناهي ٿي، ڪميٽي مائڪرو سيڪنڊ ليول تي وولٽيج جو جائزو ورتو، ڪميٽي جا 3 اجلاس ٿي چڪا، اين ٽي ڊي سي ڊيٽا سينٽر جو به دورو ڪيو. ڪميٽي اجلاس ۾ پاور ڊويزن اختيارين انڪشاف ڪيو ته بجلي بحالي جي پراسيس ۾ تربيلا پاور هائوس 7 ڀيرا فيل ٿيو. نيپرا چيئرمين توصيف فاروقي ٻڌايو ته بريڪ ڊائون جي جاچ لاءِ نيپرا ۾ به اجلاس ٿيو، جاچ ڪري رهيا آهيون ته بريڪ ڊائون وقت آئسوليشن ڇو نه ٿي، نارٿ ۽ سائوٿ سسٽم الڳ ڇو نه ٿيا. هن چيو ته بريڪ ڊائون کانپوءِ سسٽم وقت تي ري اسٽارٽ نه ٿيو، بريڪ ڊائون جو مسئلو سڄي ملڪ ۾ نه ٿيڻ گهرجي ها، هائڊرو پاور کي اسٽارٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان کانپوءِ اختيارين منگلا پاور هائوس اسٽارٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.










