ڪراچي(پ ر) ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضي وھاب صديقي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد سان گڏ ايس 3 سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ TP-III ماريپور جو دورو ڪري منصوبي جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ جائزو ورتو، دوري جي موقعي تي سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ايس 3 نظام الدين شيخ، ميئر ڪراچي جي سياسي معاملن بابت ترجمان ڪرم الله وقاصي ٽائون چيئرمين ڪياماڙي همايون خان، ميمبر صوبائي اسيمبلي آصف خان، پروجيڪٽ مئنيجرز ايس 3 شيراز شيخ وسيم اختر شيخ،عبدالغفار شيخ ۽ منصوبي جي ڪنسلٽنٽن سميت ٻيا عملدار موجود ھئا دوري جي دوران اعلي عملدارن ان ليٽ، آئوٽ ليٽ، اوور فلو، ڊسچارج، اسڪريننگ سسٽم ۽ پمپنگ جو تفصيلي معائنو پڻ ڪيو دوري جي موقعي تي ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب صديقي پائلٽ ڊڪ ويڊ آبي زراعت منصوبي جو افتتاح پڻ ڪيو ميئر ڪراچي ۽ سي اي او واٽر ڪارپوريشن کي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ايس 3 نظام الدين شيخ، ڊاڪٽر بشير لاکاڻي ۽ راڪيش سندر منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ان موقعي تي ميئر ڪراچي جو چوڻ هو تہ پائلٽ ڊڪ ويڊ آبي زراعت منصوبي سان بايو ڊيزل ۽ پروٽين سميت ضمني پيداوار پيدا ڪري سگهي ٿي جڏھن تہ ايس 3 منصوبو شھر جي اھم ضرورت آھي انڪري ايس 3 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي ميئر ڪراچي لاڳاپيل اختيارين کي ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن ۽ منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا ڇاڪاڻ تہ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کان پوء ٽريٽ ٿيل پاڻي صنعتن کي فراهم ڪري سگهجي ٿو جڏھن تہ منصوبي جي لاءِ سمورن فنڊن جي فوري فراهمي لاءِ سنڌ حڪومت سان ڳالهائينديس ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن جي انتظاميا ايس 3 منصوبي تي بھتر نموني ڪم ڪري رهي آهي، ميئر ڪراچي ۽ سي اي او واٽر ڪارپوريشن منصوبي تي بهتر نموني ڪم ڪرڻ تي پي ڊي ايس 3 نظام الدين شيخ جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو، دوري جي دوران ميئر ڪراچي سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ TP-III ماريپور ۾ جشن آزادي جي موقعي تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ بعد ملڪ جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون ميئر ڪراچي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۽ ماحولياتي استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاء ٻوٽا لڳائڻ جي مهم جو پڻ آغاز ڪيو ان موقعي تي ٻارڙن قومي ملي نغما ڳايا ۽ پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا










