ممبئي(ويب ڊيسڪ) ممبئي پوليس عدالت جي حڪم تي اداڪاره ڪنگنا رناوت خلاف دوکي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.ڀارتي اداڪاره ڪنگنا رناوت اڪثر تڪرارن جو شڪار رهندي آهي، ڪڏهن اقربا پروي ته ڪڏهن هارين جي احتجاج بابت ميڊيا ۾ هيڊلائنز ٺهندي آهي، هاڻ وري ممبئي پوليس اداڪاره خلاف دوکي جو ڪيس داخل ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي جي عدالت ۾ مصنف درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ ڪنگنا خلاف هن ڪاپي رائٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي جو الزام هنيو آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪنگنا پڇڻ کانسواءِ سندس لکيل ڪتاب مان ڪجهه حصو استعمال ڪيو آهي.مصنف جي درخواست تي عدالت ممبئي پوليس کي ڪنگنا رناوت خلاف ڪاپي رائٽ ايڪٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪرڻ تي دوکي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ياد رهي ته ان کان اڳ ممبئي عدالت اداڪاره خلاف شاعر جاويد اختر جي هرجاڻي بابت ڪيس ۾ سندس ضمانت نٿ ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي.










