باغ اسٽالنز ميرپور رائلز کي شڪست ڏئي ڇڏي

مظفرآباد(ويب ڊيسڪ) ڪي پي ايل جي چوٿين ميچ ۾ شان مسعود جي ڪپتاني ۾ باغ اسٽالنز 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 211 رنز ٺاهيون. ڪپتان شان مسعود 78 رنز  ٺاهيون. روحيل نذير 36 اسد شفيق 54 رنز ۽ عامر يامين 30 رنز ٺاهيون. سلمان ارشاد 3، محمد عرفان، شاداب مجيد ۽ عماد بٽ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ شعيب ملڪ جي ڪپتاني ۾ مير پور رائلز  20 اوورز ۾ 8 وڪيٽن تي 196 رنز ٺاهي سگهي. مختار احمد ۽ شرجيل خان اوپننگ ڪئي ته مختار بنا رن ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو عامر يامين کيس آئوٽ ڪيو. شرجيل خان 34 بالن تي 57رنز ٺاهيون هن مهمد اخلاق سان گڏ زبردست بيٽنگ ڪئي اخلاق 39 بالن تي 68 رنز ڄاهيون، بعد ۾ شعيب ملڪ سميت ڪنهن به ٻوٽو نه ٻاريو پر پوءِ به سٺي فائيٽ ڪئي ۽ هي هڪ هاءِ اسڪورنگ ميچ هو. اميد آصف، محمد عمران ۽ عامر سهيل ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون، عامر يامين ۽ محمد الياس کي هڪ هڪ وڪيٽ ملي.

https://twitter.com/kpl_20/status/1424294203740282881

پهنجو تبصرو موڪليو