بار   تي ڇاپو، بيگ باس 17 جي فاتح منور فاروقي گرفتار

بار تي ڇاپو، بيگ باس 17 جي فاتح منور فاروقي گرفتار

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بيگ باس 17 جي فاتح منور فاروقي کي پوليس هڪ حق بار تي ڇاپو هڻي حراست ۾ ورتو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب پوليس جو چوڻ آهي ته ممبئي ۾ هڪ غير قانوني فراڊ بار هلي رهيو هو، جنهن تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران اسٽينڊ اپ ڪاميڊين ۽ بگ باس 17 اسٽار منور فاروقي سميت 14 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب ڇاپي دوران 13 هزار رپين کان وڌيڪ ماليت جون 9 شيون ۽ ڪجهه نقدي هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سگريٽ اينڊ ٻين ٽوبيڪو پراڊڪٽس ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته منور فاروقي ۽ ٻين کي هيڪاندو پڪڙيو ويو، جن کي نوٽيس ڏيڻ بعد آزاد ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو