بارکان ۾ ڌماڪو، 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 زخمي

بارکان ۾ ڌماڪو، 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 زخمي

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي بارخان ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب بارخان جي علائقي رخني جي بازار ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا.ڌماڪي ۾ 12 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن جن کي طبي امداد لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ڌماڪي بعد پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ بعد جاچ شروع ڪري ڇڏي.پوليس موجب ڌماڪيدار مادو موٽرسائيڪل ۾ لڳايو ويو هو، ڌماڪي ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون، موٽرسائيڪلن ۽ دڪانن کي نقصان پهتو.

پهنجو تبصرو موڪليو