بابر ۽ فخر زمان عمري جي لاءِ سعودي عرب پهچي ويا

بابر ۽ فخر زمان عمري جي لاءِ سعودي عرب پهچي ويا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ۽ فخر زمان عمرا ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب پهچي ويا آهن.بابر اعظم ۽ فخر زمان سان گڏ مسجد نبوي ۾ ورتيون تصويرون يوٽيوب نادر علي جي انسٽاگرام اڪائونٽ تان شيئر ڪيون ويون آهن. شيئر ڪيل تصويرن ۾ يوٽيوب سان گڏ بابر اعظم ۽ فخر زمان کي مسجد نبوي جي صحن ۾ خوش مزاج ڏسي سگهجي ٿو.تصويرن ۾ بابر اعظم ۽ فخر زمان کي شرٽس، شلوارون ۽ ٽوپيون پيل ڏسي سگهجن ٿيون.ٻئي طرف فخر زمان به پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪري مداحن کي سعودي عرب پهچڻ جي خبر ڏني. شيئر ڪيل تصوير ۾ فخر زمان کي مسجد نبوي ۾ ويٺل ڏسي سگهجي ٿو، جنهن جي ڪيپشن ۾ قومي ڪرڪيٽر لکيو ته پوءِ مان مديني هليو ويس.

پهنجو تبصرو موڪليو