بااثر ڌمڪائين پيا،اسين شريف ۽ مزدور آهيون:ڳوٺاڻا

بااثر ڌمڪائين پيا،اسين شريف ۽ مزدور آهيون:ڳوٺاڻا

ڏهرڪي (ن سنڌيار( ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ باگو ڀٽو واسي پورهيت نوجوان عبدالاحد ڀٽو ۽ ڪريم بخش ڀٽو، غريب نواز ڀٽو الله يار ڀٽو ۽ ٻين پنهنجي برادري جي بااثر نبي بخش ڀٽو خلاف ڏهرڪي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو، آهي ته اسين شريف ۽ محنت مزدوري ڪرڻ وارا ماڻهو آهيون اسان جو بااثر نبي بخش ڀٽو، جيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اسان کي قتل ڪرائڻ ۽ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ گذريل ڏينهن نبي بخش ڀٽو ڏهرڪي پوليس کي رشوت ڏئي اسان مٿان ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ پيو چاهي جنهن جي اسان کي خبر لڳي ته هو اسان جي مٿان پوليس کي رشوت ڏئي اسان کي ڪوڙو ڪيس ۾ ڦاسائڻ ٿو چاهي ته اسين صحافين سان رابطو ڪيو ته پوليس ڪلهه اسان مٿان ڪوڙي ايف آئي آر داخل نه ڪئي آهي، هنن چيو ته اڄ صبح جو وري بااثر نبي بخش ڀٽو، اسان کي ٻيهر موت مار ڌمڪيون ۽ ڪوڙي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، هنن وڌيڪ چيو ته ٻه ڏينهن پهرين رات جي وقت ڪنهن شر پسند عناصر ماڻهن اسان جي ڳوٺ جي بجلي جي ٽرانسفارمر تان ڪنهن بجلي جا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا آهن جنهن جو ڪوڙو الزام بااثر نبي بخش ڀٽو، اسان مٿان مڙهي ڇڏيو آهي ۽ هو پوليس کي رشوت ڏئي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ ٿو چاهي ۽ موت مار ڌمڪيون پيو ڏي هنن چيو ته اسان کي ڪو به نقصان پهتو ته هن جو ذميوار بااثر نبي بخش ڀٽو هوندو، ۽ اسين آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ٿا ڪيون ته فوري طور هن معاملي جو نوٽيس وٺي ساف شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي،،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو